مسلم ليگ ق جي سربراھ چوڌري شجاعت چيو آھي تہ پاڪستان باڊي بلڊنگ فيڊريشن کيس سرپرست مقرر ڪيو آھي، ھر سٺي ڪم لاءِ ڪردار ادا ڪندو رھندو.
جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري شجاعت چيو تہ مون ھميشہ راندين ۽ ٻين سٺين سرگرمين جي سرپرستي ڪئي آھي، 16 سال پاڪستان ڪوڏي ڪوڏي فيڊريشن جو صدر بہ رھيو آھيان، ڪوڏي ڪوڏي کي روايتي راندين مان ڪڍي عالمي سطح تي پھچايو.
ھن چيو تہ سندس دور ۾ ڪوڏي ڪوڏي فيڊريشن وزيراعظم ڪپ، سيف گيمز ۾ فتح حاصل ڪئي، ھاڻي منھنجو پٽ چوڌري شافع ڪوڏي ڪوڏي فيڊريشن جو صدر آھي.
چوڌري شجاعت چيو تہ راند کي راند ئي رھڻ ڏنو وڃي تہ نوجوان سٺين سرگرمين طر ايندا، ھر ذميوار شھري ۽ محب وطن پاڪستاني کي راندين جي سرپرستي ڪرڻ گھرجي.
ھن چيو تہ حڪومت ڪرڪيٽ سان گڏ ھاڪي، فٽبال، ٽينس ۽ ٻين راندين طرف بہ ڌيان ڏئي.