رپورٽ: محمد ميمڻ/ٺٽوـ: سنڌ جَي صوبائي وزير رياض حسين شاھ شيرازي ۽ فوڪل پرسن رياض حسين شاھ شيرازي چيو آھي تہ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم مان 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ٿيو تہ ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ نقصان جو خدشو آھي.
رياض حسين شاھ شيرازي ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائي رھيو ھو، ھن 2010 جي مھا ٻوڏ صورتحال تي تبصرو ڪيو تہ اُن وقت جڏھن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم مان 10 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو ھو تہ گھارن سبب سجاول جا لکين ماڻھو متاثر ٿيا ھئا، سجاول ضلعو مڪمل طور ٻڏي ويو ھو، اُتان جا لکين ماڻھو مڪلي، ڪوھستان ۽ ٺٽي ضلعي پھتا ھئا.
ھن ٻڌايو تہ مونکي ياد آھي تہ رمضان جو مھينو ھو، لکين ماڻھو روڊن تان آيا پئي تہ اوڀرندي پاسي گھارو پئجي ويو، سجاول جا متاثر افراتفري ۾ ھئا، وري ٺٽي ۾ گھارو پيو تہ خوف جو ماحول ٿي ويو.
رياض حسين شاھ شيرازي موجب اُن وقت پاڪستان آرمي جا جوان ھئا جن 10 لک ڪيوسڪ جي گھاري کي آبپاشي اختيارين سان گڏجي بند ڪيو ھو،ٺٽو ضلعو تہ ٻڏڻ کان بچي ويو ھو.
ھاڻ جيڪڏھن پاڻي آيو تہ ڪھڙو نقصان ٿيندو؟
صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم مان پنج لک کان وڌيڪ پاڻي اچي ٿو تہ ٺٽي ۽ سجاول جا ڪچي وارا علائقا 80 سيڪڙو ٻڏي ويندا، حڪومت تياريون ڪيون آھن.
ھن ٻڌايو تہ سنڌ حڪومت امڪاني صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ گھربل اپاءُ ورتا آھن، اسان کي نہ رڳو ماڻھن کي بچائڻو آھي پر جانورن کي بہ محفوظ ھنڌ منتقل ڪرڻو آھي.
بندن جي صورتحال ڇا آھي؟
رياض حسين شاھ شيرازي ٻڌايو تہ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ بندن جي صورتحال بھتر آھي، جتي ضرورت ھئي اُتي مرمتي ڪم ڪرايا ويا آھن، مطمئن آھيون، عوام ڀروسو ڪري، خطري جي ڪا ڳالھ ناھي. ياد رھي تہ 2010 جي مھا ٻوڏ دوران ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ وڏي تباھي آئي ھئي، لکين ماڻھو متاثر ٿيا ھئا، ٻنھي ضلعن کي سنڌو درياھ سان گڏ سمنڊ بہ لڳي ٿو، جتان سنڌو درياھ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندو آھي.