سنڌو درياھ ۾ ڪٿي لاٿ تہ ڪٿي چاڙھ جو سلسلو جاري آھي، گڊو بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آھي
سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آھي، گڊو بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 3 لک 19 ھزار 180 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو آھي
ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 90 ھزار 819 ڪيوسڪس تائين پھچي ويو، سکر بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 4 لک 20 ھزار 460 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 67 ھزار 90 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو
ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 3 لک 41 ھزار 595 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانھون وھڪرو 3 لک 19 ھزار 690 ڪيوسڪس تائين پھچي ويو
ڪوٽڙي بئراج ۾ چاڙھ سبب پاڻي سحرش نگر ۾ داخل ٿيڻ سبب پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آھي، متاثرن واھر نہ ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو آھي.