لائیو ڪويت جي وڏي آئل ريفائنري تي حملو، ايران جارحيت جو مظاھرو ڪري اعتماد وڃائي ڇڏيو: قطري وزير اعظم

فہرستِ مضامین

ڪويت جي سڀ کان وڏي آئل ريفائنري مينا الاحمدي تي ڊرون حملي بعد باهه لڳڻ جا اطلاع مليا آهن، جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي۔

رپورٽن موجب، ڪويت نيوز ايجنسي ٻڌايو آهي ته ريفائنري کي ايراني ڊرون نشانو بڻايو، جڏهن ته ڪويت پيٽروليم ڪارپوريشن موجب “محدود باهه” تي ضابطو آڻي ورتو ويو آهي ۽ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي۔

جغرافيائي تصديق ڪيل فوٽيج ۾ صبح جو ڪاري دونهين جا وڏا گولا مينا الاحمدي ريفائنري مان اڀرندي نظر آيا۔ ياد رهي ته هي ريفائنري روزانو لڳ ڀڳ 7 لک 30 هزار بيرل تيل صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ علائقي جي اهم ترين توانائي مرڪزن مان هڪ آهي۔

ايران اعتماد وڃائي چڪو آھي: قطري وزير اعظم

قطر جي وزير اعظم محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو آهي ته ايران حملن ذريعي خطي ۾ خطرناڪ حد تائين ڇڪتاڻ وڌائي ڇڏي آهي ۽ اهڙي “جارحيت” سبب ايران تي اعتماد ختم ٿي ويو آهي۔

دوحہ ۾ ترڪي جي پرڏيھي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس  دروان قطري وزير اعظم جو چوڻ ھو تہ خطي ۾ ايراني حملن کي فوري طور ختم ٿيڻ گھرجي.

سفارتڪاري جي گنجائش بابت سوال جي جواب ۾ قطري وزير اعظم چيو تہ سفارتڪاري جي گنجائش سدائين رھندي آھي ۽ قطر اِن ڳالھ تي يقين رکي ٿو تہ ڪنھن بہ ڇڪتاڻ جو آخري حل سفارتڪاري آھي.

قطري وزير اعظم اِھو بہ چيو تہ جڏھن قطر کي نشانو بڻايو ويو تہ اِھو اسان لاءِ وڏو ڌڪ ھو، سفارتڪاري جارحيت گڏيل احترام تي ٻڌل ھجڻ گھرجي.

قطري وزير اعظم چيو تہ اِھا جنگ اسرائيل طرفان شروع ڪئي وئي، ايران جوابي ڪارروائي ۾ پاڙيسرين کي نشانو بڻايو.

قطر تي حملي لاءِ طاقت جو ھڪ حصو استعمال ڪيو: عراقچي

ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته راس لفان انرجي ڪامپليڪس تي حملي لاءِ ايران پنهنجي طاقت جو صرف هڪ حصو استعمال ڪيو۔

هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران جي انفراسٽرڪچر کي ٻيهر نشانو بڻايو ويو ته پوءِ وڌيڪ سخت ردعمل ڏنو ويندو۔ هن اهو به چيو ته جنگ جي خاتمي لاءِ ايران جي شهري علائقن کي ٿيل نقصان جو ازالو ضروري آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں