ڪوئيٽا ۾ ناري ۽ نوجوان جي قتل بعد سردار سميت 20 ڄڻا گرفتار، مارجي ويل نوجوان ۽ ناري زال مڙس نه هئا: سرفراز بگٽي

فہرستِ مضامین

ڪوئيٽا: بلوچستان جي گادي واري ھنڌ ڪوئيٽا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تي جوڙي کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ مک جوابدار بشير احمد سميت 20 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ ساتڪزئي قبيلي جو سربراھ شيرباز ساتڪزئي، سندس 4 ڀائر ۽ 2 محافظ بھ شامل آھن، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي دعويٰ ڪئي آھي تھ مارجي ويل مرد ۽ عورت زال مڙس نھ ھئا، مارجي ويل عورت پنجن ٻارن جي ماءُ ۽ مرد کي بھ 4 کان 5 ٻار آھن. بلوچستان ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺندي قبر ڪشائي جو حڪم ڏنو آھي.

پوليس موجب ھي واقعو ڪوئيٽا کان 40 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي واقع ڊيگاري ۾ پيش آيو ھو، واقعو عيد الاضحيٰ کان 3 ڏينھن اڳ جو آھي، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد  واقعي جو ڪيس ھنا اوڙڪ ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو .پوليس موجب ناري بانو ستڪ زئي ۽ سندس ور احسان اللھ سمالاني کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ 20 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ ساتڪزئي قبيلي جو سربراھھ شيرباز ۽ سندس 4 ڀائر بھ شامل

پوليس جو چوڻ آھي تھ گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ مک جوابدار بشير احمد ۽ ساتڪزئي قبيلي جو سربراھھ سردار شيرباز ساتڪزئي، سندس 4 ڀائر ۽ 2 محافظ بھ شامل آھن. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو تھ واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو. پوليس موجب سوشل ميڊيا تي ھڪ وڊيو وائرل ٿي ھئي، جيڪا عيد الاضحيٰ کان ڪجھ ڏينھن اڳ جي آھي، شروعاتي جاچ ۾ ڄاڻ ملي آھي تھ ناري بانو بي بي ۽ نوجوان احسان اللھ کي ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ڪيو ويو، واقعي ۾ مبينا طور تي شاھھ وزير، جلال، ٽڪري منير، بختيار، ملڪ امير، عجب خان، جان محمد، بشير احمد ۽ 15 اڻڄاتل شامل آھن.

سردار شيرباز ناري ۽ نوجوان کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جي فتويٰ ٻڌائي، فريادي

فريادي الزام ھنيو آھي تھ ڄاڻايل جوابدارن ناري ۽ نوجوان کي سردار شيرباز خان آڏو پيش ڪيو، جتي سردار ڪارنھن جو فيصلو ٻڌائيندي ٻنھي کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ٻڌائي، فتويٰ ٻڌائڻ بعد ناري ۽ نوجوان کي ڪوئيٽا جي پھاڙي علائقي ڊيگاري ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد عوام ۾ ڪاوڙ جي لھر آھي. پوليس موجب واقعي جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت ۽ تعزيرات پاڪستان جي شق 302 تحت داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

قتل ٿيل عورت ۽ مرد زال مڙس نھ ھئا، سرفراز بگٽي

ٻي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي آھي تھ سنجيدي ڊيگاري ۾ قتل ٿيل عورت ۽ مرد زال مڙس نھ ھئا، عوام کي حقيقتن بابت ڄاڻ ھئين گھرجي، عورت پنجن ٻارن جي ماءُ ھئي، قتل ٿيل مرد جا بھ 4 کان 5 ٻار آھن.سرفراز بگٽي چيو تھ واقعي جي وڊيو وائرل ٿيندي ئي نوٽيس ورتو، ھيل تائين 11 ماڻھو گرفتار ٿي چڪا آھن، جيڪو بھ واقعي ۾ ملوث ھوندو، ان کي گرفتار ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں