ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 10 دھشتگرد مارجي ويا.
سڪيورٽي ذريعن موجب ڪوئيٽا ويجھو غزھ بند واري علائقي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دھشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 دھشتگرد مارجي ويا، وٽائنن وڏي مقدار ۾ گولا بارود ھٿ ڪيو ويو آھي.
ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز جا 2 اھلڪار پڻ زخمي ٿي پيا آھن .
سڪيورٽي فورسز ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان دھشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آھن.