بلوچستان صوبي جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر جي ويجهو ڌماڪي ۾ 10 ڄڻن جي مارجڻ ۽ 33 شھرين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آھي.
صوبي جي صحت واري وزير بخت ڪاڪڙ موجب ڌماڪي کانپوءِ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 10ڄڻن جا لاش اسپتال پھچايا ويا آھن ۽ ڌماڪي سبب 24 زخمين کي به طبي امداد لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي۔
صحت واري وزير موجب مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيلن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار به شامل آهن۔
ھڪ شھري موجب ڌماڪو ايترو ته زوردار ھو جو لڳو ڄڻ سندس گهر جي اندر ٿيو هجي.
هن جو چوڻ هو ته ڌماڪي کان پوءِ فائرنگ جا آواز به ٻڌڻ ۾ آيا۔
حميد خان ٻڌايو ته جڏهن هو گهر مان ٻاهر نڪتو ته روڊ تي هڪ گاڏي جا شيشا ٽٽل ڏٺا۔
هن ٻڌايو ته پڇا ڪرڻ تي گاڏي جي ڊرائيور ٻڌايو ته ڌماڪو هڪ سوزوڪي گاڏي ۾ ٿيو۔
ڊرائيور ٻڌايو ته ڌماڪو ايف سي هيڊڪوارٽر جي ويجهو ٿيو۔

هن موجب ڊرائيور جو چوڻ هو ته ڌماڪي واري هنڌ جي ويجهو هجڻ سبب سندس گاڏي جا شيشا ٽٽي پيا۔
ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جي شدت پشين اسٽاپ، ماڊل ٽائون، شهباز ٽائون ۽ ڀرپاسي جي ٻين علائقن ۾ محسوس ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو آواز ڪوئيٽا ۾ پري پري تائين ٻڌو ويو۔
ڌماڪي سبب ڪيترين ئي گاڏين کي به نقصان پهتو آهي۔
ڌماڪي کان پوءِ صوبي جي انتظاميا ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ سموري عملي کي اسپتالن ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي۔
دهشتگرد، ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا
سيڪيورٽي اختيارين موجب پنج دهشتگرد، ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، انهن کي انجام تي پهچايو ويو آهي۔ شروعاتي ڄاڻ موجب هڪ آپگھاتي حملي آوور بارود سان ڀريل سوزوڪي ايف سي هيڊڪوارٽر جي دروازي سان ٽڪرائي ڇڏي ۽ پويان ايندڙ اڇي ڪيري ۾ مبينا دهشتگردن ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايف سي جي جوانن ان حملي کي ناڪام بڻائي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.