ڪوئيٽا: سرياب روڊ تي ٿيل ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ 15 ٿي ويو، ڪيس به داخل

فہرستِ مضامین

ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي ٿيل ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ 15 ٿي ويو، واقعي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آھي.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب سرياب روڊ تي ٿيل ڌماڪي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ قتل ۽ دھشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آھن، ڪيس ۾ اڻڄاتل ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو آھي.

سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب آپگھاتي ڌماڪو ڪندڙ دھشتگرد جو لاش تحويل ۾ ورتو ويو آھي، جيڪو فارنزڪ لاءِ اماڻيو ويندو.

ٻئي پاسي صحت واري کاتي جو چوڻ آھي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ 15 ٿي ويو آھي، جڏھن تھ 38 ڄڻا زخمي آھن.

ھوڏانھن وزيراعظم شھباز شريف ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي زخمين کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں