ڪوئلي مان ڀاڻ تيار ڪرڻ واري منصوبي بابت سنڌ حڪومت ۽ ايف ايف سي وچ ۾ اھم اجلاس

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ٿر جي ڪوئلي مان يوريا ڀاڻ تيار ڪرڻ واري منصوبي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاه سان فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني (ايف ايف سي) جي سي اي او جهانگير پراچہ ملاقات ڪئي، جنهن دوران منصوبي بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ ٿر جي ڪوئلي مان يوريا ڀاڻ تيار ڪرڻ جي منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، آگاهي ڏني وئي تہ منصوبي جي بينڪيبل فزيبلٽي اسٽڊي نومبر 2025ع ۾ مڪمل ڪئي وئي آهي.

بريفنگ موجب منصوبي جي مجموعي لاڳت لڳ ڀڳ 1.12 ارب ڊالر آهي ۽ منصوبي تحت ساليانو 7 لک 17 هزار ٽن يوريا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ٿيندي.

وڏي وزير چيو تہ هي منصوبو ٿر ۽ سڄي پاڪستان لاءِ “گيم چينجر” ثابت ٿيندو ۽ سنڌ جي معيشت لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو.

هن چيو تہ منصوبي سان 7 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جڏھن تہ يوريا جي درآمد ۾ گهٽتائي ايندي ۽ امڪاني طور 260 ملين ڊالر تائين برآمد ذريعي قومي خزاني کي فائدو پهچندو، وڏي وزير موجب سنڌ حڪومت کي ساليانو لڳ ڀڳ 5.5 ملين ڊالر رائلٽي ملڻ جو بہ امڪان آهي.

اجلاس دوران ايف ايف سي پاران سنڌ حڪومت کان 12 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ملازمن لاءِ رھائشي ڪالوني لاءِ زمين مختص ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، ڪمپني جو چوڻ هو تہ منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت طرفان ٽيڪسن ۾ سهولتون ڏيڻ ضروري آهن.

وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو تہ ڪوئلي مان يوريا تيار ٿيڻ سان ڀاڻ جي اگهہ ۾ گهٽتائي ايندي، جنهن سان زرعي شعبي کي وڏو فائدو حاصل ٿيندو………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں