رپورٽ: عبدالله بروهي/ڪنڌڪوٽ
ھن بند کي بچائڻ لاءِ 7 لوپ بند به ڏنل آھن، آبپاشي کاتو مسلسل هن بند جي نگراني ڪندو آهي.
گذريل ڏينھن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ڪشمور ڪنڌڪوٽ (ڪي ڪي) بند جو دورو ڪيو، جنھن دوران وڏي وزير کي امڪاني ٻوڏ ۽ بند جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته ڪي ڪي بند جي تاريخ تمام گھڻي پراڻي آھي، ھي بند ڪيتري ئي عرصي کان درياھي وھڪرن سان مھاڏو اٽڪائيندو آيو آھي.
وڏي وزير مراد علي شاھه چيو ته درياھه جي طاقتور حملن خلاف ڪي ڪي بند جي وڏي تاريخ آھي، 1995ع دوران پھريون ڀيرو ڪي ڪي بند سنڌو درياھه جا طاقتور حملا برداشت ڪيا، 1996 کان 2009 تائين درياھي وھڪرن ۾ چاڙھه سبب ڪي ڪي بند تي دٻاءُ رھيو، سال 2010 واري ٻوڏ دوران به ھن بند تي خطرناڪ صورتحال رھي، ھنگامي بنيادن تي بند جو مرمتي ڪم ڪيو ويو، 2015 ۾ به برساتن دوران ھن بند کي نقصان پھتو ھو.
ڪي ڪي بند، لکين زندگين جو محافظ

گذريل ڏينھن ڪي ڪي بند جي دوري دوران وڏي وزير مراد علي شاھه بند جي مضبوط لاءِ قدم کڻڻ جي ھدايت ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاھه چيو ته ڪي ڪي بند لکين زندگين ۽ زمين جو محافظ آھي، بند جي مضبوطي لاءِ ھنگامي بنيادن تي پٿر وڌا پيا وڃن، سندس چوڻ ھو ته ھن بند جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي ته جئين ان کي مضبوط بڻائي سگھجي، بند جي ھر ڪمزور حصي کي مضبوط ڪيو وڃي، عوام جون زندگيون ۽ زمين ھن بند سان ڳنڍيل آھي، بند جي مضبوطي واري ڪم تي ڪا به دير برداشت نه ڪئي ويندي، عوام اطمينان رکي، حڪومت ھن صورتحال ۾ سنڌ واسين سان گڏ بيٺل آھي.
ڪي ڪي بند اھم ڇو؟
ڪي ڪي بند کي بڊاڻي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ ٻين شھرن جو محافظ سمجھو وڃي ٿو، آبپاشي ماھرن جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن ڪي ڪي بند ٽٽي پوي ته لکين ماڻھو متاثر ٿيندا، ڪي ڪي بند جي اھميت جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھن بند کي بچائڻ لاءِ 7 لوپ بند به ڏنل آھن، تنھنڪري سنڌ جو آبپاشي کاتو ٻوڏ يا برساتن جي صورتحال دوران ڪي ڪي بند جي مسلسل نگراني ڪندو آھي.
علائقي واسين جو چوڻ آھي ته بڊاڻي وٽ درياھه مٿي آھي، جڏھن ته ڪشمور ۽ ٻيا شھر ھيٺ آھن، تنھنڪري بند ٽٽڻ جي صورت ۾ اھي سمورا شھر تباھه ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تي اھي شھر درياھه جي سطح کان ھيٺ آھن، بند ٽٽڻ جي صورت شھرن مان پاڻي نيڪال ھڪ وڏو مسئلو بڻجي ويندو، علائقي واسين خدشو ظاھر ڪيو آھي ته پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال بعد ھو خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، تنھنڪري سنڌ حڪومت فوري طور تي بند کي مضبوط بڻائي ته جيئن نقصان کان بچي سگھجي.