ايس ايس پي محمد مراد گانگهرو موجب ڪنڌڪوٽ جي دوراني ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ پوليس اهلڪار جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران 3 کان وڌيڪ ڌاڙيل مارجي ويا آھن.
ايس ايس پي محمد مراد گانگهرو موجب پوليس آپريشن دوران 4 کان وڌيڪ ڌاڙيل زخمي ٿيڻ جا به اطلاع مليا آھن.
ايس ايس پي موجب مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ صحبت جاگيراڻي، شفيع ڏاهاڻي ۽ شاهد ڀيو جي نالن سان ٿي آهي..
پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.، آپريشن دوران بکتر بند گاڏين، اي پي سي چين ۽ هيوي مشينري جو استعمال ڪيو پيو وڃي
ايس ايس پي محمد مراد گانگهرو جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار جي بازيابي ۽ ڀيو گينگ، بھلڪاڻي گينگ، جاگيراڻي گينگ، ڏاهاڻي گينگ سميت سمورن ڌاڙيلن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو..
پوليس اھلڪار جي اغوا بعد وڊيو وائرل

گذريل ڏينهن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن پوليس اھلڪار فضل الرحمان کوسو کي اغوا ڪيو ھومغوي اھلڪار جو وڊيو سوشل ميڊيا تي رکيو ويو ھو
وڊيو ۾ خادم ڀيو پنهنجي گرفتار ساٿين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو هو ۽ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن انهن کي آزاد نه ڪيو ويو ته هو اغوا ٿيل پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيندو.
ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو
ڪنڌڪوٽ ويجھو ڏوھاري پوليس چوڪي تي حملو ڪري ھڪ پوليس اھلڪار کي اغوا ڪري ويا آھن. 15 کان وڌيڪ ڌاڙيلن قمبراڻي پوليس چوڪي تي حملو ڪيو، جنھن دوران اھلڪار فضل الرحمان کوسو کي اغوا ڪيو ويو.
پوليس موجب قمبراڻي چوڪي تي 4 اھلڪار مقرر ھئا، جن مان ھڪ کي اغوا ڪيو ويو. ٻئي پاسي اھلڪار جي اغوا بعد پوليس ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي.
دوداپور: 2 مغوي بازياب ٿي ويا
پوليس موجب دوداپور ويجھو پنهون ڀٽي واري علائقي ۾ رات دير سان هٿياربندن ٽريڪٽر چوري ڪري ٻه ڄڻن کي اغوا ڪيو ھو جن کي سرچ آپريشن دوران بازياب ڪرائي ورتو آھي
پوليس موجب ميرانپور واري علائقي ۾ هٿياربند ٽريڪٽر ڦٽو ڪري فرار ٿيڻ ڪوشش ڪئي ته پوليس ٻن ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو