ڊبليو ٽي اين سنڌي ڊاٽ ڪام، نمائندن وٽان
سنڌ جَي ضلعي ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز گرينڊ آپريشن دوران ڏوهارين جا ٿاڪ تباهه ڪرڻ ۽ فائرنگ ۾ ڪيترن ئي جوابدارن جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس پڌرائي موجب، تنگواڻي جي ڪچي ۾ ڪوڪاري ۽ چولياڻي گينگ خلاف آپريشن دوران رينجرز ۽ پوليس گڏيل طور چئن ڏوهارين کي زخمي ڪيو، ٽي ٿاڪ ۽ مورچا ڊاهي پٽ ڪيا ويا.
پوليس پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته آپريشن جي اڳواڻي ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو ڪري رهيو آهي، سي آءِ اي ۽ سمورن ايس ايس ايڇ اوز، مددگار فائٽر، ريڊ ريسپانس ٽيمون آپريشن ۾ شريڪ آهن
پوليس ذريعن موجب ڪوڪاري گينگ مٿان ڊرون حملي ۾ صدام عرف ٺيٻو ڪوڪاري جي ماءُ پيءُ سميت 7 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن

علائقي واسين موجب پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان فائرنگ هلندڙ آهي، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جو چوڻ آهي ته ڏوهارين کي پڪڙڻ يا مارڻ تائين آپريشن جاري رهندو.
ڪنڊيارو ۾ مقابلو، هڪ جوابدار زخمي، 2 ساٿي گرفتار
نوشهرو فيروز ضلعي جي علائقي ڪنڊيارو ۾ ريگيوليٽر موري ويجهو مقابلي دوران پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، پوليس موجب زخمي جوابدار جَي ٻن ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايس ايڇ او ڪنڊيارو اسد النبي موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي توفيق شاه طور سڃاڻپ ٿي آهي، پوليس معمول موجب گشت ڪري رهي هئي جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿي رهيا هئا ته مقابلو ٿيو.

ايس ايڇ او ٻڌايو ته مقابلي ۾ نثار شاهه ۽ فرحان شاهه کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي زخمي جوابدار جا ساٿي آهن، جوابدارن وٽان 3 پسٽل ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي.
شهدادپور ۾ به 2 مبينا ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
شهدادپور پوليس ٻن ڌار ڌار مقابلن ۾ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار اياز ساند سميت ٻن جوابدارن کي مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اي ايس آءِ وارث جٽ عملي سان گڏ معمول جي گشت ڪري رهيو هو ته ٻيراني روڊ، ڏيٿا واٽر وٽ 3 هٿياربند ڏوھ جي نيت سان بيٺل ڏٺا
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدارن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ ڏوهاري اياز ساند زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار جي قبضي مان ريپيٽر هٿ آيو، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته شهدادپور لنڪ روڊ تي مقابلي ۾ قاسم رند نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جي قبضي مان پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب زخمي جوابدار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مقابلي دوران فرار ٿي ويل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
اغوا جو واقعو ڊرامو نڪتو
جيڪب آباد ضلعي جي ڳوٺ عبدالغني شاھ واسي ٻن نوجوانن جي گمشدگي کي پوليس ڊرامو قرار ڏنو ته وارثن احتجاج ڪيو.
پوليس موجب تصديق ٿي وئي آهي ته مدثر ڀٽي ۽ محمد اسحاق ملڪ وارثن کان پئسا وٺڻ لاءِ پاڻ کي اغوا ڪرائڻ جو ڊرامو ڪيو ۽ 50 لک ڀنگ به گهريو.
نوجوان وارثن کي ڌاڙيل بڻجي فون ڪري چوندا رهيا ته اوهان جا نوجوان اسحاق ۽ مدثر ڀٽي اسان جي قبضي ۾ آهن کين آزاد ڪرائڻو آهي ته 50 لک روپيا ڀنگ ڏيو نه ته کين ماري ڇڏينداسين.
پوليس جاچ ۾ تصدي ٿي ته نوجوان اغوا نه ٿيا هئا، وارثن کان پئسا وٺڻ لاءِ ٻنهي پاڻ کي اغوا ڪرائڻ جو ڊرامو رچيو، جيڪو پڪڙجي پيو آهي.