ڪنڌڪوٽ جي دراني مھر ٿاڻي جي حد ۾ چاچڙ ۽ جاگيراڻي برادرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن
پوليس موجب فائرنگ دوران شبير احمد چاچڙ ۽ انور چاچڙ موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏھن تہ ٻنهي ڌرين جا 4 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔
ذريعن جو چوڻ آهي تہ ٻنهي ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي۔
پوليس جو چوڻ آهي تہ ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي۔…….