ڪنڌڪوٽ بخشاپور ۾ جوابدار جي فائرنگ ۾ نينگر ۽ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا قتل

فہرستِ مضامین

ڪنڌڪوٽ : بخشاپور لڳ گبلو پوليس ٿاڻي جي حد  ڳوٺ جڙيو ريحانزي ۾  جوابدار فائرنگ ڪري ٻن عورتن ۽ ھڪ ٻار سميت 4  ڄڻن  کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد پوليس پھچي قتل ٿيلن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پھچايو.

قتل ٿيلن ۾ مھمان ٿي آيل رحيم بخش بنگوار، 7 ورھين جو نينگر ۽ ٻہ عورتون شامل آھن.

واقعي ۾ ھڪ ڄڻو حيوٿ عرف ڏاڏو بنگوار سخت زخمي ٿي پيو آهي، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو.

پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڪاروائي شروع ڪري ڏني آهي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں