سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر اويس قادر شاھ ڪنڌرا ۾ قتل ٿيل چئن ڀائرن جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي آھي، ايس ايس پي سکر اظهر مغل کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.
ياد رھي تہ 2 ڏينھن اڳ ڪنڌرا ويجهو انورپور ۾ پراڻي دشمني تان چئن سڳن ڀائرن غلام اصغر، نصرت عرف مهدي حسن، غلام اڪبر ۽ اختر حسين کي گھر ۾ گھڙي قتل ڪيو ويو ھو.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مقتول نوجوانن جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو۔
اسپيڪر واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔