حب: رپورٽ- منير سومرو
بلوچستان جي ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ۽ پاڪ نيوي ڪنڊ ملير جي علائقي ۾ وڏو آپريشن ڪندي اربين روپين جي ماليت جي منشيات اسمگل ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آھي.
ٻنھي ادارن جي گڏيل آپريشن دوران 2 سئو ڪلوگرام آئيس، 6 سئو ڪلو گرام چرس ۽ پرڏيھي شراب جون 8 ھزار کان وڌيڪ بوتلون ھٿ ڪيون ويون، ڪجھھ منشيات پرڏيھھ ۽ ڪجھھ سنڌ اسمگل ڪئي پئي وئي.
ڊي جي ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ محمد زمان حب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪروڙين روپين جي ماليت جي آئيس پرڏيھھ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، جڏھن تھ شراب ۽ بيئر جون بوتلون سنڌ منتقل ڪيون پئي ويون.
ڊي جي ايڪسائيز چيو تھ ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪ نيوي جو ھڪ مھيني دوران منشيات جي اسمگلنگ خلاف ھي ٻيو وڏو آپريشن آھي.ھٿ آيل منشيات کي اسمگلنگ لاءِ ڪنڊ ملير ويجھو ڊمپ ڪيو ويو ھو.
مختلف علائقن ۾ ڪارروايون
ڊي جي ايڪسائيز موجب ھٿ آيل آئيس، چرس ۽ شراب جي ماليت 20 ارب روپين کان وڌيڪ آھي، ھن ٻڌايو ته ايڪسائيز کاتي جون بلوچستان ۾ پست جي پوکائي خلاف بھ ڪارروائيون جاري آھن.

ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس کاتي بلوچستان پاران ڊاڪي، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، لورالائي، قلات ۽ مستونگ جي علائقن ۾ پست جي پوکي خلاف ڪارروايون ڪيون ويون آهن.
ڊي جي ايڪسائيز موجب انهن علائقن کانسواءِ ٻين علائقن ۾ به ڪارروائين دوران پست جي فصلن کي تباهه ڪيو پيو وڃي.پست مان آفيم ۽ منشيات جا ٻيا قسم تيار ڪيا ويندا آھن.
ڊي جي ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس محمد زمان خان چيو تھ اسان جي ھر ممڪن ڪوشش آھي ته منشيات خلاف جاري مھم کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي تھ جيئن بلوچستان کي منشيات جي لعنت کان پاڪ ڪري سگھجي.
منشيات اسمگلنگ خلاف ملڪي تاريخ جي وڏي ڪارروائي
ايڪسائيز ٽئڪسيشن اينڊ اينٽي نارڪوٽڪس (سائوٿ زون) پاران پاڪ نيوي جي مدد سان ڪنڊ ملير ۾ منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ واري ڪارروائي کي ملڪي تاريخ ۾ منشيات جي سڀ کان وڏي ضبطگي قرار ڏنو پيو وڃي.
اداري جي اختيارين موجب اھا حساس ۽ ڪامياب ڪارروائي جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشين سينٽر (جي ايم آءِ سي سي) اثرائتي مدد سان عمل ۾ آندي وئي.
اختيارين موجب منشيات جي اھا وڏي کيپ بين الاقوامي پاڻين ذريعي اسمگل ڪري ڪنڊ ملير جي ساحلي علائقي ۾ لڪائي وئي ھئي، جنھن کي گڏيل ڪارروائي دوران ھٿ ڪيو ويو.
اختيارين جو چوڻ آھي تھ ھٿ ڪيل پرڏيھي شراب جي 8 ھزار بوتلن، 6 سئو ڪلوگرام اعليٰ ڪوالٽي جي چرس ۽ 2 سئو ڪلو گرام آئيس (آئيس ميٿ ايفيٽامائن) جي عالمي منڊي ۾ قيمت 24 کان 28 ارب روپيا آھي.
اداري پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تھ ھي آپريشن بين الاقوامي منشيات فروشن ۽ اسمگلرن لاءِ سخت پيغام آھي تھ پاڪستان جو سرحدون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فولادي عزم سان محفوظ آھن.