رپورٽ: ابراھيم جوکيو/ڪنڊيارو
ڪنڊيارو جي علائقي درٻيلو ۾ ٽن ڄڻن جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري معاملي تي ڊي سي نوشهروفيروز پاران مقرر ڪيل جاچ ڪاميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، اي ڊي سي ون نوشهروفيروز صدام ميمڻ، مختيار ڪار وسيم لاشاري سميت ٻيا عملدار ٻئي ڏينهن به واقعي واري هنڌ پهتا
علائقي واسين اي ڊي سي ۽ ٻين کي ٻڌايو ته هڪ نينگر وهنجي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويو، جنهن کي ٻئي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وري مٿان ٽيون نوجوان درياھي پاڻي ۾ لهي کين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو به ٻڏي ويو.
واقعو ڪيئن پيش آيو؟
ڪنڊيارو جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن نينگرن سميت 3 ڄڻا سنڌو جي وھڪري ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ جي خبر رپورٽ ٿي هئي، پوليس موجب علائقي واسي ٻڌائين ٿا ته ھڪ نوجوان وھنجڻ لاءِ لٿو ته کيس بچائڻ لاءِ ٻن ڄڻن به ٽپو ڏنو، ھڪ ئي وقت ٽئي نوجوان ٻڏي ويا، جن جا لاش مقامي ماڻهن ڪڍيا.
درٻيلو ڀرسان ڳوٺ سبب ابڙو ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، نصير پٽ الھوسايو ابڙو سنڌو درياھه جي پاڻي ۾ وھنجڻ لاءِ لٿو ته پير ترڪڻ سبب وڏي پاڻي جي وھڪري جي ور چڙھي ويو، جنھن کي بچائڻ لاءِ اتي موجود 2 نينگر شاھن ۽ معراج گوپانگ به ٽپو ڏنو..
ٻڏي ويل نوجوان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻيءَ جو وھڪرو تيز ھئڻ سبب اھي لڙھي ويا، جنھن بعد مقامي ٽوٻن جي مدد سان ٽنھي ڄڻن جا لاش ڪڍي درٻيلو جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا.
نوجوانن جي وارثن ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته سندن ڇوڪرا درياھه جي پاڻي ۾ وھنجڻ لاءِ ويا ھئا بعد ۾ کين اطلاع مليو ته 3 ڄڻا ٻڏي ويا آھن، جن کي بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر درٻيلو اسپتال ۾ ڪو به ڊاڪٽر موجود نه ھو..
اسپتال ۾ ڊاڪٽر هجي ها ته نوجوان بچي وڃن ها
وارثن الزام ھنيو ته جڏھن اھي لاش کڻي اسپتال پھتا ته درٻيلو جي تعلقي اسپتال ۾ ڪو به ايمرجنسي ڊاڪٽر موجود نه ھو، جنھن بعد ٽنھي ڄڻن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ ڪنڊيارو جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا.
ڊبليو ٽي اين جي لائيو نشريات ۾ نوجوانن جي فوتگي ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه ھئڻ واري خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ نوشھروفيروز جي ڊپٽي ڪمشنر ارسلان سليم واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي لاڳاپيل عملدارن کي واقعي واري ھنڌ پھچڻ جون ھدايتون ڪيون هيون..
ڊي سي نوشھروفيروز اي ڊي سي ون صدام حسين ميمڻ، ڪنڊيارو جي اسسٽنٽ ڪمشنر نور الھديٰ ۽ مختيارڪار وسيم لاشاري کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.ويو هو.
غفلت ثابت ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي
ڊبليو ٽي اين پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي سي نوشھرو فيروز ٻڌايو درٻيلو اسپتال جي ڊاڪٽرن جي غير حاضري ثابت ٿي ته سندن خلاف کاتيوار ڪارروائي لاءِ لکيو ويندو. ڊي سي جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌو درياهه جي حدن ۾ وهنجڻ تي پابندي هجڻ سان گڏ قلم 144 لاڳو آهي..
ھن چيو ته درياهه جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ پابندي جا اعلان پڻ ڪرايا ويا آھن، انتظاميه کي ھدايت ڪئي آھي تھ درياھه ۾ وھنجڻ تي پابندي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، جيئن اڳتي ھلي اھڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن……