ڪمزور پاور ٽرانسميشن نظام صارفين لاءِ بجلي مھانگي ڪري رھيو آھي: نيپرا خبردار ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي( نيپرا) چيو آھي تہ پاڪستان جو ڪمزور پاور ٽرانسميشن نظام صارفين لاءِ مھانگي بجلي پيدا ڪري رھيو آھي.

نيپرا مالي سال 2024-25 جي ٽرانسميشن پرفارمنس ايويليويشن رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي تہ اوورلوڊ گرڊ اسٽيشنون، دير جو شڪار منصوبا ۽ ناقص رابطي سبب ملڪ کي مهانگي بجلي پيدا ڪرڻي پئجي رھي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جا اين ٽي ڊي سي سان ڪمزور لاڳاپا قومي سطح تي سستي بجلي جي فراهمي ۾ رنڊڪ بڻيل آهن۔

ريگيوليٽر موجب قومي گرڊ جون ڪمزوريون اڪنامڪ ميرٽ آرڊر جي اصول کي متاثر ڪري رھيون آهن، جنهن تحت پهرين سستي بجلي کي نظام ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، پر ان جي ابتڙ مهانگا پاور پلانٽ هلائڻا پئجي رھيا آهن، هن نااهلي جو سڌو اثر گهريلو ۽ صنعتي صارفين جي بجلي بلن تي پئجي رھيو آهي۔

نيپرا نشاندهي ڪئي آهي تہ ڪيترائي گرڊ اسٽيشن ۽ پاور ٽرانسفارمر پنهنجي گنجائش جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ لوڊ تي هلي رھيا آهن، جنهن سبب وولٽيج ۾ عدم استحڪام، اوزارن کي نقصان ۽ ممڪن بريڪ ڊائون جو خطرو وڌي ويو آهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں