پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي جو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ريليون ڪڍي ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ جي قيادت ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ کان مزار قائد تائين ريلي ڪڍي وئي.
حيدرآباد، سکر، نوابشاھ، لاڙڪاڻو ۽ميرپورخاص جي ننڍن وڏن شھرن ۾ بہ ريليون ڪڍي ڪشميرين سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو ويو.
نوشھرو فيروز،دادو، قمبر، ميھڙ، سيٺارجا، ڳڙھي خيرو، ڪشمور، ميرپور ماٿيلو، جوھي ۽ ٻين علائقن ۾ بہ ريليون نڪتيون.
اڳواڻن جو چوڻ آھي تہ ڀارتي حڪومت ڪشميرين سان مسلسل ظم ڪري رھي آھي، دنيا ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي.