ايس ايس پي محمد مراد گهانگهرو جي قيادت ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ضلعي جي ڪچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي، گذريل ٻن ڏينهن کان ڪامياب ڪاررواين جي دعويٰ سامهون اچي رهي آهي، ڪالهه پوليس آپريشن دوران 3 ڌاڙيل ماري سندن لاش اسپتال منتقل ڪيا، روايتي طور تي پوليس مقابلي ۾ ڌاڙيل مارڻ کانپوءِ لاش تحويل ۾ نه وٺي سگهندي آهي، جنهن سبب پوليس مقابلا شڪي بڻجي ويندا آهن.
پوليس پڌرائي موجب گهلپور جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن اُن وقت ڪامياب ٿيو، جڏهن ٽن مغوين کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو، مغوين جو تعلق پنجاب سميت مختلف صوبن سان آهي.
2 هفتا اڳ خوشاب، راجنپور ۽ فاضل پور سان تعقل رکندڙ ٽن شهرين کي فون ڪال تي هرکائي گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي سرحدي دنگ گهرائي يرغمال بڻايو ويو هو، وارثن کان ڀنگ به گهريو ويو هو.
مغوين ۾ خوشاب واسي اظھر حسين ولد صالح محمد، راجنپور واسي محمد ياسين ۽ فاضل پور واسي الطاف شامل آهن.
آپريشن جي پلاننگ ۽ نتيجا

ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳجهو اطلاع ملڻ تي ڪشمور پوليس ۽ رينجرز فوري ڪارروائي ڪندي گھوٽڪي ۽ ڪشمور جي سرحدي ڪچي علائقي جو گهيرو ڪيو.
پوليس ۽ رينجرز جي موجودگي ۽ اثرائتي حڪمت عملي سبب ڌاڙيل مغوين کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي فرار ٿي ويا، ٽنهي مغوين کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي شفروعاتي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد کين سندن گهرڀاتين حوالي ڪيو ويندو.
پوليس پڌرائي ۾ مقابلي جِي دعويٰ ڪري ٿي، سوال اُٿندا آهن ته جڏهن مقابلا ٿيندا آهن ته آمهون سامهون فائرنگ ٿيندي آهي، ڌاڙيل مزاحمت ڪندا آهن، پوليس ۽ رينجرز وٽ سرڪاري مشينري، هٿيار ۽ ڊرون ڪئمرائون هونديون آهن، ايتري وڏي پلاننگ کانپوءِ ڌاڙيل فرار ٿي ويندا آهن ته ڪيڏانهن ويندا آهن؟
پوليس موجب فرار ٿي ويل ڌاڙيلن توڙي سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي سرحدي دنگ تي سرچ آپريشن جاري آهي، جلد اِهم ڪاميابيون ملي وينديون.
ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي شاباس ڏني ۽ سندن پيشاوراڻه ڪارڪردگي کي ساراهيو.
3ڌاڙيل ڪيئن مارجي ويا؟

ڪشمور پوليس 2 ڏينهن اڳ ڪچي ۾ آپريشن دوران ٽن بدنام ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو موجب بخشاپور جَي ڪچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آهي.
ايس ايس پي تصديق ڪئي آهي ته پوليس آپريشن ۾ ڌاڙيل عبدالڪريم ڀنگوار، آهڙ ڀنگوار سميت 3 ڌاڙيل مارجي ويا ، جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال آندا ويا ۽ ضروري ڪارروائي ڪرائي وئي.
محمد مراد گهانگهرو ٻڌايو ته مارجي ويل ڌاڙيل ڦر، ڌاڙن، اغوا ۽ ڀتا خوري سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا.