خيبر پختونخواھ جي ضلعي ڪرڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافتہ 17 دھشتگرد مارجي ويا آھن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ مارجي ويل دھشتگردن وٽان ھٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو ھٿ ڪيو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب لڪي مروت ۽ ڪرڪ ضلعن جي سرحدي علائقي ۾ ملا نذير گروپ جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس پاران ڪارروائي شروع ڪئي وئي، خارجي دھشتگردن کي وڏي مھارت سان گھيري ۾ آڻي نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ مارجي ويل دھشتگرد ڪيترن ئي بي گناھ شھرين ۽ سيڪيورٽي فورسز خلاف دھشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث ھئا.
آپريشن مڪمل ٿيڻ بعد سيڪيورٽي فورسز جي واپسي تي علائقي واسين پاران سندن زبردست ۽ پرجوش آجيان ڪئي وئي، علائقي واسين سيڪيورٽي فورسز جي اھلڪارن سان گڏ جشن بہ ملھايو