ڪرڪيٽر آصف علي پارن عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

فہرستِ مضامین

پاڪستاني ڪرڪيٽر آصف علي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

آصف علي جو چوڻ ھو ته ھو مداحن، ساٿي رانديگرن ۽ ڪوچز جو ٿورائتو آھي جن ھر وقت سندس ساٿ ڏنو.

سندس چوڻ ھو ته پنھنجن گھرڀاتين ۽ دوستن جو به ٿورائتو آھي جيڪي ورلڊ ڪپ دوران سندس نياڻي جي وفات جھڙن وقتن تي ساڻس گڏ رھيا.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بھترين بيٽر آصف علي جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته اوھان سڀني جي طاقت کيس اڳتي وڌڻ جي ھمت ڏيندي آھي.

آصف علي  جو چوڻ ھو ته ھو پنھنجو شوق جاري رکندي ڊوميسٽڪ ۽ ليگ ڪرڪيٽ کيڏندو رھندو.

آصف علي پنھنجي ڪيريئر ۾ 21 ون ڊي ۽ 58 ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں