ليبيا جي اڳوڻي حڪمران ڪرنل معمر قذافي جو پٽ سيف الاسلام قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو آھي، وارثن تصديق ڪري ڇڏي آھي.
سيف الاسلام قذافي جو سڀ کان بااثر پٽ سمجھيو ويندو ھو، سندس سياسي ٽيم ۽ قانوني صلاحڪارن ان افسوسناڪ خبر جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
سيف الاسلام قذافي جي وڪيل خالد الزيدي ۽ سياسي صلاحڪار عبدالله عثمان فيس بڪ تي جاري ڪيل پنهنجي بيانن ۾ ٻڌايو ته 53 سالن جي سيف الاسلام کي زنتان شهر ۾ واقع سندس گهر ۾ نشانو بڻايو ويو.
حملي آوورن ثبوت بہ ختم ڪري ڇڏيا؟
عالمي ميڊيا جي رپورٽس موجب چئن ھٿياربندن سيف الاسلام جي گھر تي حملو ڪيو، سندن منھن ڍڪيل ھئا، وڏي پلاننگ سان آيا، جن جو ٽارگيٽ سيف الاسلام ئي لڳي رھيو ھو.
حملي آوورن گھر تي حملي وقت سڀ کان پھريان سي سي ٽي وي ڪئمراز بند ڪيا، ٻڌايو پيو وڃي ته سيف الاسلام هٿياربندن سان مزاحمت به ڪئي پر هو سخت زخمي ٿيڻ بعد دم ڏئي ويو.
طرابلس سان تعلق رکندڙ هاءِ اسٽيٽ ڪائونسل جي اڳوڻي سربراهه خالد المشري ان قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي جي فوري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
سيف الاسلام قذافي جو پسمنظر
سيف الاسلام قذافي لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس مان تعليم حاصل ڪئي، پنھنجي پيءُ ڪرنل قذافي جي دور ۾ ليبيا جو ٻيو نمبر طاقتور ترين شخص سمجھيو ويندو ھو.
2011 جي ۾ جڏهن ڪرنل قذافي خلاف تحريڪ شروع ٿي ته سيف الاسلام سخت موقف اختيار ڪيو، جنهن ڪري مٿس انساني حقن جي ڀڃڪڙي سميت ٻيا سنگين الزام بہ لڳا، جڏجن تہ کيس زنتان مان گرفتار ڪيو ويو پر 2017 ۾ عام معافي تحت کيس آزاد ڪيو ويو ھو.
ليبيا جي اڳوڻي حڪمران جو پٽ آزادي ۽ عام معافي کانپوءِ بہ روپوشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ھو،
سيف الاسلام ليبيا جي 2021 ۾ ٿيل صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ بہ جمع ڪرايا، جنھن تي ملڪ اندر وڏي تڪرار بہ جنم ورتو ھو.
سيف الاسلام قذافي جي موت ليبيا جي اڳ ئي پيچيده سياسي صورتحال ۾ وڌيڪ بي يقيني پيدا ڪري ڇڏي آهي….