اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ڪرغزستان جو صدر ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آھي، ايئرپورٽ تي صدر ۽ وزيراعظم سندس آجيان ڪئي۔
ڪرغزستان جو صدر ٻن ڏينھن جي دوري تي اسلام آباد پھتو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف نور خان ايئربيس تي ڪرغز صدر جي آجيان ڪئي، وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار بہ ڪرغزستان جي صدر جي آجيان لاءِ موجود ھئا.
سرڪاري ميڊيا موجب ڪرغز صدر سان گڏ اعليٰ سطحي وفد بہ پاڪستان پھتو آھي، وفد ۾ سينيئر وزير، اعليٰ عملدار ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروبار ي شخصيتون شامل آھن.
ڪرغزستان جو صدر جهاز مان ٻاھر آيو تہ صدر آصف علي زرداري ان سان ڀاڪر پائي مليو، جڏھن تہ وزيراعظم محمد شهباز شريف بہ ان سان گرمجوشي سان هٿ ملايو۔
روايتي لباس پھريل ٻارن ڪرغزستان جي صدر کي گل پيش ڪيا، ان موقعي تي ڪرغزستان جي صدر، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شريف وچ ۾ گوشخوار جملن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي ملڪن جا جهنڊا هٿن ۾ کنيل ٻارن معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪيو۔
ڪرغزستان جي صدر کي اسلام آباد پهچڻ تي 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي، صدر صادر ژپاروف پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتون ڪندو.
ڪرغز وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ٻن ڏينھن جي دوري تي پاڪستان پھتو آھي، دوري دوران ڪرغزستان جو صدر اسلام آباد ۾ بزنس فورم کي بهہ خطاب ڪندو۔
ڪرغزستان جي صدر جي وفد ۾ اعليٰ سرڪاري عملدار ۽ ڪاروباري شخصيتون پڻ شامل آهن۔………