ڪراچي ۾ ھڪ مھيني دوران 71 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ايِ چالان ڪيا ويا

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ٽريفڪ پوليس ڪراچي ۾ ھڪ مھيني دوران ٿيل ايِ چالان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آھن

ٽريفڪ پوليس موجب ڪراچي ۾ ھڪ مھيني دوران ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين تي 93 ھزار کان وڌيڪ چالان ڪيا ويا، سڀ کان وڌيڪ 57 ھزار 541 چالان سيٽ بيلٽ نہ لڳائڻ تي ڪيا ويا، 22 ھزار 227 موٽرسائيڪل سوارن کي ھيلمٽ نہ پائڻ تي چالان ڪيو ويو.

ٽريفڪ پوليس موجب ڊمپر، ٽرالر ۽ واٽر ٽينڪر ۾ نصب ٽريڪر جي مدد سان تيز رفتاري تي 1188 چالان ڪيا ويا، تيز رفتاري سان ڊرائيورنگ ڪرڻ تي 2699، سنگنل جي ڀڃڪڙي تي 3102 چالان ڪيا ويا.

فينسي نمبر پليٽ تي 1278، رنگين سيشن تي 1178 گاڏين جا چالان ڪاٽيا ويا، اسٽاپ لائن جي ڀڃڪڙي تي 611 ۽ رانگ وي تي 426 اي چالان ڪيا ويا.

ٽريفڪ پوليس موجب سيٽ بيلٽ نہ ٻڌڻ تي 57 ڪروڙ 54 لک 10 ھزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، ھيلمٽ نہ پائڻ تي 11 ڪروڙ 11 لک  35 ھزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو، رنگين شيشن واري گاڏين کي 2 ڪروڙ 94 لک 50 ھزار رپيا ڏنڊ مڙھيو ويو………..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں