ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ھڪ سال دوران ٽريفڪ حادثن ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻھو فوت ٿيڻ ۽ شھر جي 240 کان وڌيڪ يونين ڪميٽين کي 3 ارب رپيا اضافي بجيٽ ملڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.
اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ا يم پاڪستان جي ايم پي اي معاذ محبوب ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي صوبائي گھرو وزير ضياالحسن لنجار کان سوال ڪيو تہ ايِ چالان سسٽم اچڻ باوجود ڪراچي ۾ شھري ڊمپرن ۽ ٽينڪرن ھيٺان اچي فوت ٿيڻ وارو سلسلو رڪجي نہ سگھيو آھي.
گھرو کاتي جي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار کيس جواب ڏيندي چيو تہ ڪراچي ۾ ھڪ سال دوران اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻھو حياتيون وڃائي ويٺا آھن، سندس چوڻ ھو تہ اھو تاثر غلط آھي تہ شھر ۾ ھيوي گاڏين تي چالان جو ڏنڊ نہ ٿو وڌو وڃي، ايِ چالان وسيلي ھڪ ٽرڪ تي ھڪ لک رپيا ڏنڊ بہ وڌو ويو آھي.
صوبائي گھرو وزير وڌيڪ چيو تہ ھي ڪو سياسي مسئلو ناھي پر افسوس سان چوڻو ٿوپوي تہ ڪجھ پارٽيون ھن مسئلي تي سياست ڪري رھيون آھن ، ھن وقت تائين 12 ھزار ٽينڪرن ۾ اوور اسپيڊ چيڪ ڪرڻ وارا ٽريڪر لڳرايا ويا آھن.
ضياءُ لاحسن لنجار ميمبرن کي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ايترن حادثن باوجود موٽرسائيڪل سوار شھري ھيلمٽ نہ ٿا پائن جنھن ڪري حادثن ۾ شھرين جي زندگيون ضايع ٿيرھيون آھن، ھن ايوان ۾ لطيفي واري انداز ۾ چيو تہ ھڪ ماڻھو جو عزرائيل ساھ ڪڍڻ لاءِ آيو ان چيس تہ مون کي اڳواٽ ٻڌائين ھا جنھن تي عزرائيل کيس چيو تہ تنھنجي ڳوٺ ۽ پاڙي ۾ ھفتو کن اڳ جو ماڻھو فوت ٿيا ھئا تہ توکي اھا خبر ڪا نہ پئي ڇا ؟
اجلاس ۾ متحدہ جي ايم پي اي عبدالباسط ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو تہ ڪراچي جي 246 يونين ڪميٽين کي ھن سال 3 ارب رپيا اضافي فنڊ ڏنا ويا آھن پر انھن جي ڪا بہ آڊٽ ناھي ٿي ۽ يونين ڪميٽين جا چيئرمين سڀ فنڊ ھڙپ ڪري رھيا آھن.
مڪاني کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو جواب ڏيندي چيو تہ ان کان اڳ ھر يونين ڪيمٽي کي 7 لک رپيا ماھوار فنڊس ڏنا ويندا ھئا پر سنڌ حڪومت اھي فنڊ وڌائي 12 لک رپيا ماھوار ڪري ڇڏيا آھن تہ جئين يوسي سطح ئي ننڍا ننڍا مسئلا حل ٿي سگھن.
قاسم سومرو جو چوڻ ھو تہ پبلڪ ڪائونٽس ڪميٽي ۾ بہ اھا ڳالھ سامھون آئي ھئي تہ يوسي چيئرمينن جي پوئين مھيني جي فنڊز جي استعمال جا تفصيل جمع ڪرائڻ کانسواءِ ئي سندن اڪائونٽس ۾ پيسا موڪليا وڃن ٿا جنھن ڪري ايندڙ وقت ۾ انھن فنڊز جي خرچن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ ھاڻي پھريان خرچ ڪيل پيسن جا تفصيل جمع ڪرائيندا ۽ ان کانپوءِ ٻيا فنڊس يوسي چيئرميننن جي اڪائونٽس ۾ اماڻيا ويندا.
ان کان اڳ اجلاس ۾ عورتن جي ترقي واري کاتي جي سوالن جوابن دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کاتي جي ڪارڪردگي کي ناقص قرار ڏنو، جڏھن تہ لياري مان چونڊيل پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا ايم پي اي سجاد سومرو تعريف ڪئي.
عورتن جي ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير شاھينا شير علي مختلف ميمبرن جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي ٻڌايو تہ سال 2024 دوران عورتن تي گھريلو تشدد جا 513 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا جن مان 498 ڪيس حل ڪيا ويا ۽ 15 ڪيس عمل ھيٺ آھن، سندس چوڻ ھو تہ ساڳي سال دوران ھراسمينٽ جا 148 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا جيڪي سڀ حل ڪيا ويا آھن .
صوبائي وزير شاھينا شير علي ھڪ ڪيس جو حوالو ڏيندي ايوان کي ٻڌايو تہ ھڪ مھينو اڳ ايم پي اي سجاد سومرو ھڪ ڪيس جي نشاندھي ڪئي تہ ڪراچي جي رھواسي عورت جي طلاق ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جي ساھرن لاھور ۾ ان جو ٻار روڪي ڇڏيو آھي، سندس چوڻ ھو تہ عورتن جي ڀلائي واري کاتي ڪوششون وٺي لاھور مان ان جو ٻار واپس ڪراچي آڻي ان عورت جي حوالي ڪرايو آھي.
پي ٽي آءِ ايم پي اي سجاد سومرو پڻ ايوان ۾ ان ڪيس جو ذڪر ڪندي صوبائي وزير شاھينا شير علي ۽ کاتي کي شاباس ڏيندي سندن تعريف پڻ ڪئي.
اجلاس دوران اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ گورنر سنڌ پاران منظور ڪيل بلن جي منظوري جو اعلان ڪيو……