ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ ون ۾ هڪ گهر مان 3 عورتن جا لاش هٿ آيا آهن.
عابد ٽائون واري علائقي ۾ ھڪ گھر مان ٽن عورتن جا لاش ۽ ھڪ مرد بيھوشي واري حالت ۾ ھٿ آيو
اطلاع تي پوليس پھچي مڙھ ۽ بيھوشي واري حالت ۾ ھٿ آيل مرد کي اسپتال منتقل ڪيو
پوليس موجب شروعاتي طور لڳي ٿو ته گيس ليڪيج سبب ٽئي عورتون ساهہ منجهڻ سبب فوت ٿيون.
ريسڪيو عملي جو چوڻ آهي تہ گهر مان هڪ مرد بہ بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيو.
هوڏانهن گهرو وزير واقعي جي حوالي سان ايس ايس پي اوڀر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.