ڪراچي ۾ گئس ليڪج سبب رھائشي عمارت ۾ ڌماڪو، ٻارڙو سڙي فوت

فہرستِ مضامین

ڪراچي : نارٿ ناظم آباد جي حيدري ويجھو رھائشي فليٽ ۾ گئس ليڪج سبب ڌماڪو ۽ باھ لڳڻ جي واقعي ۾ ھڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو آھي.

شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪو عمارت جي 10 ھين منزل تي واقع فليٽ ۾ گئس ليڪج سبب ٿيو

واقعي جي اطلاع تي فائربرگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمن موقعي تي پھچي باھ تي ضابطو آڻي ورتو، فائر برگيڊ عملي موجب باھ وسائڻ واري عمل ۾ چئن گاڏين، 2 اسنارڪل ۽ ھڪ بائوزر باھ وسائڻ واري عمل ۾ حصو ورتو.

عملدارن موجب واقعي بعد رھائشي عمارت کي خالي ڪرايو ويو آھي، ڌماڪي سبب ھڪ ٻارڙو فوت ٿيو جڏھن تہ عورت ۽ ٻارڙي زخمي ٿيون آھن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں