ڪراچي پوليس شھر ۾ احتجاج جي خبرن کي افواھ قرار ڏيندي شھرين کي ڌيان نہ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آھي.
ڪراچي ۾ مذھبي جماعت جي احتجاج جي سڏ تي پوليس ڪارروائي ڪندي مخالف ھنڌ تي نفري مقرر ڪئي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آھي تہ ھن وقت شھر جي صورتحال معمول موجب آھي ۽ شھر ۾ ڪٿي بہ احتجاج نہ ٿي رھيو آھي، صوبي ۾ قلم 144 لاڳو آھي، جنھن سبب ڪنھن کي بہ احتجاج جي اجازت ناھي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ٿيندو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آھي تہ مختلف طريقن سان افواھ پکيڙيا پيا وڃن تہ ڪراچي جي مخلتف علائقن ۾ احتجاج ٿي رھيا آھن، ٽريفڪ معطل آھي، حقيقت ۾ اھڙو ڪجھ ناھي، نيو ڪراچي ۾ احتجاج جي ڪوشش ڪئي وئي جتي مظاھرين کي ڇڙوڇڙ ڪري 10 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آھي.