ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ نوجوان کي قتل ڪندڙ ڦورو کي شهرين ٿنڀي سان ٻڌي جيئرو ساڙي ڇڏي، اھڙي ويڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آھي.
اورنگي ٽائون سيڪٽر 7 بلوچ ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن گولي هڻي عبدالحنان نالي شخص کي قتل ڪيو، جڏھن تہ ڦورن ڦرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي تہ شھرين ھڪ ڄڻي کي سوگھو ڪري ورتو
مڇريل ماڻھن پڪڙيل ڦورو کي بجلي جي پول سان ٻڌي بدترين تشدد کانپوءِ پيٽرول ھاري کيس باھ ڏئي ڇڏي، وائرل ٿيل ويڊيو ۾ پول سان ٻڌل ڦورو کي سڙندي ڏسي سگھجي ٿو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڦورو دانهون ڪندو رھيو پر مڇريل ماڻهن سندس هڪ نہ ٻڌي، اطلاع تي پوليس پهچي باهہ وسائي پر تيستائين ڦورو دم ڏئي چڪو هو، جنهن جي سڃاڻپ ساجد طور ٿي.
ڦورو کي جيئرو ساڙڻ واري ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس اختيارن نوٽيس وٺندي غفلت ڪرڻ تي ايس ايڇ او اورنگي ٽائون يوسف مھر کي معطل ڪري ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آھي….