ڪراچي ۾ ٽن عورتن جو قتل:” پوليس جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف“: ڊبليو ٽي اين جي ٽيم ڇا ڏٺو؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( رپورٽ: عرفان عالماڻي ) ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ مامي مبينا طور ڇرين جا وار ڪري ٽن ڀاڻيجن کي قتل ڪري پاڻ بہ آپگھات جي ڪوشش ڪئي، واقعي واري ھنڌ تان ھڪ ٻارڙي بہ  زخمي حالت ۾ ملي، ھڪ پاڙيسري عورت بہ  زخمي حالت ۾ اسپتال پھتي.

پوليس موجب گلستان جوھر جي ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ ٽن عورتن جا ڳلا ڪپيل لاش مليا، جن جي سڃاڻپ 17 ورھين جي دانيا، 25 ورھين جي مينا ۽ 20 ورھين جي ايشا طور ڪئي وئي.واقعي واري ھنڌ تان 14 ورھين جي نينگري نندني ۽ ھڪ مرد اجي زخمي حالت ۾ مليا، مارجي ويلن جي لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس کي آپگھات جو شڪ

ان موقعي تي ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو واقعي واري ھنڌ جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو تھ زخمي ٿيل شخص اجي عورتن جو مامو ٻڌايو پيو وڃي، شڪ آھي تھ اجي ٽن عورتن کي ڳلا ڪپي قتل ڪرڻ بعد پاڻ آپگھات جي ڪوشس ڪئي آھي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڊبليو ٽي اين جي ٽيم واقعي واري هنڌ ڇا ڏٺو؟

ڊبليو ٽي اين جي ٽيم واقعي جي اطلاع بعد جڏهن ڀٽائي آباد اُن گهر ۾ پهتي جتي ٽن عورتن کي قتل ۽ نينگري کي زخمي ڪيو ويو هو، اُتي جو ماحول سوڳوار ۽ اُتي موجود ماڻهن جي چهرن تي خوف پکڙيل هو. گهر رت سان ڀريل هو، پوليس جاچ ڪري رهي هئي.

پوليس موجب گھر اندر 3 عورتن جا لاش پيل ھئا جن کي ڇري سان ڪھي قتل ڪيو ويو ھو،حملي ۾ ھڪ مرد ۽ 14 ورھين جي نينگري نندني زخمي ٿي پئي، جنھن کي پڻ ڳلي تي گھرو زخم لڳل آھي، کين جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو. .

مقتول عورتن جي مامي ڊبليو ٽي اين کي ڇا ٻڌايو؟

مقتول عورتن جي مامي راجو ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر عرفان عالماڻي سان ڳالھه ٻولھه ڪندي چيو ته واقعي واري ھنڌ ھو گھر ۾ موجود نه ھو، سندس گھر واري دوست جي نمبر تي فون ڪري کيس اطلاع ڏنو.

راجو جو چوڻ آھي کيس خبر نه آھي ڪنھن قتل ڪيا آھن، گھر ۾ ڪا به اڻبڻت نه ھئي، سڄي فيملي سڪون سان رھي پئي، آئون گھر جي ھيٺين فلور تي رھندو آھيان، ڪڏھن اھڙو واقعو پيش نھ آيو، واقعي ۾ سندس ڀاءُ اجي جي ملوث ھئڻ جي جواب ۾ راجو چيو تھ کيس ان بابت ڪا بہ  خبر نھ آھي.

جناح اسپتال ۾ زخمي ٻارڙي جو بيان

جناح اسپتال ۾ قاتلاڻي حملي ۾ بچي ويل معصوم ٻارڙي نندني پوليس کي بيان ڏنو آھي سندس مامي اجي سندن ڀينرن کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو آھي، ٻارڙي نندني حالت پڻ خراب آھي، حملي کيس ڳلي ۽ جسم جي ٻين عضون تي زخم رسيا آھن .

پوليس جو موقف

ايس ايس پي ملير عبدالخالق شيخ موجب ٻارڙي جو بيان سامھون اچي ويو آھي، جنھن مطابق سندس 34 ورھين جي مامي اجي ولد رامون سندس ڀينرن کي قتل ڪرڻ بعد خودڪشي جي ڪوشش ڪئي.

ھن چيو تھ  واقعي جا ڪارڻ وقت سان سامھون ايندا، وڌيڪ ٻارڙي جي حالت بہ  بہ تر نھ آھي، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، واقعي واري ھنڌ مقتول عورتن جو والد گھر کان ٻاھر ۽ امڙ ڊيوٽي تي ويل ھئي.

زخمي پاڙيسري عورت بہ  اسپتال پھتي

ڀٽائي آباد ۾ قتل ڪيل ٽن عورتن واري واقعي ۾ ھڪ موڙ ان وقت بہ  آيو، جڏھن مقتولن جي پريا نالي پاڙيسري عورت پڻ زخمي حالت ۾ جناح اسپتال پھتي.

زخمي حالت ۾ اسپتال پھتل عورت پريا ٻڌايو تھ ھو قتل ڪيل ٽنھي عورتن جي ڀرسان گھر ۾ رھندي آھي، جڏھن ھوءَ دانھن تي گھر پھتي تھ جوابدار اجي مٿس بہ  ڇرين جا وار ڪيا.

زخمي عورت دعويٰ ڪئي تھ سندس پھچڻ کان اڳ ئي اجي ٽنھي ڇوڪرين کي قتل ڪري چڪو ھو،جيئن ھو ڇڏائڻ لاءِ پھتي تھ کيس بہ  قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں