ڪراچي ۾ ٽن خواجه سرائن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڇنڇر شام ساڍي ستين بجي هو پنهنجن گهرن مان نڪتا ۽ رات جو کين قتل ڪيو ويو۔
فريادي محمد ظفر ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته خواجه سرا سچل جي علائقي ۾ مختلف ڪمرن ۾ رھندا ھئا، 21 سيپٽمبر تي واٽس ايپ ذريعي کيس معلوم ٿيو ته سندس ٽي ساٿي 20 ورھين جو اليڪس ،26 ورھين جو جيئل اجن ۽ 24 ورھين جو اسما، 24 سيپٽمبر تي شام ساڍي چار وڳي اهو چئي نڪتا تہ ھو سپر هاءِ وي بحريا ٽائون ڏانهن وڃي رهيا آهن۔
فريادي موجب رات جو لڳ ڀڳ ٻه وڳي محمد جيئل جي نمبر تي ڪال ڪئي ته ڪال تہ وئي پئي پر اٽينڊ نہ ٿي ۔ هو مسلسل ٻي ڏينهن منجھند هڪ وڳي تائين ڪال ڪندو رهيو پر ڪو جواب نه مليو۔ بعد ۾ جڏهن هن واٽس ايپ کوليو ته معلوم ٿيو ته ناگوري ٽائون لنڪ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽنهي خواجه سرائن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي۔
ان کان اڳ ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ٻڌايو ته ٽنهي کي هڪ هڪ گولي ھڻي قتل ڪيو ويو،ٻن کي سيني ۾ ۽ هڪ کي مٿي ۾ گولي هني وئي۔ هن ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ تان ٻن گولين جا خول به مليا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته کين اتي ئي ماريو ويو۔ ٻن خواجہ سرائن جا لاش گڏ ۽ ھڪ ڪجھ ميٽر پري مليو.
سندن سامان مان ڪا به سڃاڻپ جي نشاني نه ملي، رڳو هڪ پرس مان ڪجهه ذاتي شيون مليون جن ۾ استعمال ٿيل ٽشو پيپر ۽ ڪنڊوم شامل هئا۔ واقعي واري هنڌ ڪئميرا نه هئا پر سپر هاءِ وي تي لڳل ڪئميرا مان مدد ورتي ويندي۔
ايپ ذريعي فنگر پرنٽس سان ٻن خواجه سرائن جي سڃاڻپ ٿي وئي، جڏهن ته ٽئين جو نادرا وٽ ڪو به رڪارڊ موجود نه هو، ساٿين کيس اسما جي نالي سان سڃاتو۔
پوسٽ مارٽم دوران هڪ خواجه سرا جي انڊرگارمينٽس مان موبائل فون به هٿ آيو، جنهن جي فارنزڪ ڪرائي پئي وڃي۔ ان کان سواءِ جيو فنسنگ ۽ سي ڊي آر ذريعي به جاچ جاري آهي۔