ڪراچي ( ڊبليو ٽي اين ڪورٽ رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ نابالغ ڇوڪرين سان جنسي زيادتي جي الزام ھيٺ گرفتار جوابدار کي وڌيڪ ٽن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، مبينا زيادتي جو شڪار ھڪ ڇوڪري جوابدار کي عدالت ۾ ڏسي ٿڦڙ پڻ وھائي ڪڍي.
ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ نابالغ ڇوڪرين سان زيادتي جي الزام ھيٺ گرفتار جوابدار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڊفينس پوليس جوابدار شبير تنولي کي 7 ڪيسن ۾ پيش ڪري وڌيڪ 7 ڏينھن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.
پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کي شھرين جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو ۽ جوابدار 2016 کان ٻارن ۽ ڇوڪرين سان زيادتي جون وڊيوز ٺاهي رھيو هو، جوابدار خلاف متاثر ڇوڪرين جي وارثن جي فرياد تي ڊفينس پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
جوابدار کي چماٽ
عدالت پوليس جي استدعا تي جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي ۽ پوليس کي ھدايت ڪئي آھي تہ ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
مبينا زيادتي جو شڪار ڇوڪرين کي بہ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن مان ھڪ ڇوڪري جوابدار کي ڏسي کيس چماٽ وھائي ڪڍي.
نجي ٽي وي موجب جوابدار کي جڏھن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو تہ ھڪ صحافي کائنس سوال ڪيو تہ اوھان وڊيوز جو ڇا ڪندا ھئا؟ جنھن جي جواب ۾ جوابدار ٻڌايو تہ ھو وڊيوز کي بعد ۾ ڏسندو ھو.
متاثر ڪٽنب ۽ پوليس جو ڇا چوڻ آھي؟
ھن واقعي ۾ ھڪ فريادي عمران ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو تہ ھو َرنگ جو ڪم ڪندو آھي، عمران موجب سندس گھرواري ٻڌايو تہ 7 ورھين جي ڌيءُ گھر کان ٻاھر وئي ھئي، واپس آئي تہ جسم ۾سور جي شڪايت ڪري رھي ھئي، پڇڻ تي ٻارڙي ٻڌايو تہ جوس جي ريڙھي لڳائيندڙ ڇوڪرو ساڻس گنديون حرڪتون ڪندو آھي.
فريادي موجب ھو جوابدار جي سڃاڻپ لاءِ ھن پنھنجي نياڻي کي چيو، جنھن بعد سندس ڌيءُ کيس کي قيوم آباد جي ھڪ گھٽيءَ ۾ ھڪ گھر وٺي آئي، جتي تالو لڳل ھو، جنھن بعد ھنن ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني ھئي.
ٻـِي ايف آءِ آر ۾ محمد بلال موقف اختيار ڪيو تہ ھو محنت مزدوري ڪندو آھي ۽ 10 ورھين جي ڀيڻ سان قيوم آباد ۾ رھندو آھي، سندس ڀيڻ ڪجھ ڏينھن کان پريشان ھئي، جنھن ٻڌايو تہ کيس جسم جي نازڪ حصي ۾سور آھي، ٻارڙي ٻڌايو تہ ھڪ ريڙھي وارو ساڻس ڏاڍائي ڪئي ۽ اڳ بہ ائين ڪندو رھيو آھي.
ڪراچي جي ڊفينس ٿاڻي تي ٽيون ڪيس محمد رياض داخل ڪيو، جنھن ٻڌايو تہ ھو ڪٻاڙي جو ڪم ڪندو آھي، سندس 2 نياڻيون جن جي عمر 10 ۽ 12 سالن جي آھي، جيڪي پريشان لڳي رھيون ھيون.
ڪيس جي فريادي محمد رياض موجب جڏھن سندس گھرواري معلومات ورتي تہ کيس خبر پئي تہ قيوم آباد ۾ ھڪ ڇوڪرو رھندو آھي، جنھن جو شربت جو ريڙھو آھي،اھو ٻنھي ڀينرن سان غلط حرڪتون ڪندو آھي، غلط حرڪتون ڪرڻ وقت جوابداروڊيو بہ ٺاھيندو آھي، جوابدار ڪيترائي ڀيرا ائين ڪري چڪو آھي.
ايس ايس پي ڏکڻ جي ڊبليو ٽي اين سان ڳالھ ٻولھ
ان حوالي سان ايس ايس پي ڏکڻ مھزور علي ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر حرا ٽالپر سان ڪجھ ڏينھن اڳ ڳالھ ٻولھ ڪئي ھئي، جنھن ۾ ھن ٻڌايو ھو تہ جوابدار 70 جي لڳ ڀڳ ڇوڪرين ۽ ھڪ ڇوڪريَ سان ڏاڍائي ڪري چڪو آھي،سندس قبضي مان موبائيل فون ۽ ھڪ يو ايس بي بہ ملي آھي.
ايس ايس پي ٻڌايو جوابدار جو نالو شبير آھي، جيڪو ايبٽ آباد جو رھواسي آھي، 9 سالن کان ڪراچي جي علائقي قيوم آباد سي ايريا ۾ رھندو آھي، جوابدار ننڍين ڇوڪرين سان زيادتي ڪندو رھيو آھي.
جوابدار جي گرفتاري ڪيئن عمل ۾ آئي؟
ڊبليو ٽي اين جي سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي ڏکڻ ٻڌايو تہ ھڪ ڇوڪري جوابدار جي ڪمري ۾ وئي، جتان ھوءَ لڪائي ڪري ھڪ يو ايس بي کڻي آئي، جنھن اھا يو ايس بي دڪاندار کي ڏني، دڪاندار جڏھن وڊيوز ۾ جوابدار جون تصويرون ڏٺيون، تڏھن ان جو نالو سامھون آيو.
ھن چيو تہ وڊيو ۾ سڃاڻپ ٿيڻ بعد علائقي واسين ٻڌايو تہ جوابدار قيوم آباد ۾ ئي رھندو آھي، جنھن بعد پوليس کي اطلاع مليو ۽ پوليس کيس گرفتار ڪيو، جوابدار جي ڪمري مان ھڪ بڪ ( ڪاپي ) ملي، جنھن ۾ ٻارڙين جا نالا بہ لکيل ھئا، موبائيل فون مان ڪجھ وڊيوز ۽ تصويرون بہ مليون آھن.
جوابدار جو جاچ دوران اعتراف
ايس ايس پي ڏکڻ وڌيڪ ٻڌايو تہ جوابدار جاچ دوران 2016 کان وٺي 2025 تائين ڇوڪرين سان ڏاڍائي ڪندو رھيو، جوابدار جاچ دوران 70 کان وڌيڪ ڇوڪرين سان زيادتي جو اعتراف پڻ ڪيو آھي، سندس موبائيل فون مان 2 کان اڍائي سئو وڊيوز بہ مليون آھن.
ايس ايس پي مھزور علي جو اھو بہ چوڻ ھو تہ جوابدار خلاف 4 ڪيس داخل ٿي چڪا آھن، جاچ جاري آھي، ڊي اين اي سيمپل ليپ موڪليا ويندا، ان کانپوءِ جاچ جو سلسلو اڳتي وڌايو ويندو، جوابدار جن ڪيفيز تي ڪمپيوٽر استعمال ڪندو ھو، اھي بہ تحويل ۾ ورتا ويا آھن.
ايس ايس پي ڏکڻ چيو تہ جوابدارن جي قبضي مان 60 کان 70 ڇوڪرين جا وڊيوز مليا، جن جي عمر 8 کان 13 سالن جي وچ ۾ آھي، ھن چيو تہ في الحال اھو نٿو چئي سگھجي تہ جوابدار وڊيو ڀرڻ بعد وڪرو ڪندو ھو، ان حوالي سان بہ جاچ ھلندڙ آھي، اھڙي ڪا ڳالھ سامھون آئي تہ ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي.