ڪراچي(رپورٽ: منظور چانڊيو) ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران گذريل اٺن ڏينھن کان جوائننگ آرڊر لاءِ احتجاج ڪندڙ فنڪارن وٽ اڄ سنڌ جا ناليوارا صوفي راڳي مانجھي فقير، وزير علي شاھ، ڪلاسيڪل راڳي استاد اختيار علي خشڪ، استاد حنيف لاشاري، واحد لاشاري، صوفي جانڻ چن جو فرزند جونيئر جانڻ چن، شيما ڪرماڻي ۽ ٻيا فنڪار ميوزڪ ٽيچرز سان يڪجھتي لاءِ پريس ڪلب پھتا.
ميوزڪ ٽيچرز ڪراچي پريس ڪلب کان مارچ شروع ڪيو تہ ڪجھ پنڌ اڳتي ھلي مک روڊ تي ئي پوليس ميوزڪ ٽيچرز کي روڪي ورتو، جنھن تي پوليس ۽ ميوزڪ ٽيچرز وچ ۾ چڪريون ٿيون.
ڇڪتاڻ کانپوءِ پوليس احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ڪامران چانڊيو، بادشاھ بوزدار، صوفي راڳي عمران فقير سميت 20 کان وڌيڪ راڳين کي گرفتار ڪيو.
ميوزڪ ٽيچرز جو الزام آھي تہ ڇڪتاڻ دوران پوليس راڳين کي مارڪٽ ڪري گھلي، ڌڪا ڏئي گاڏين ۾ وڌو، گرفتاري کان بچي ويل راڳي اُتي ئي احتجاج ڪري رھيا آھن.
عدالت ڀرتيون رد ڪيون، اسان جوائننگ آرڊر ڪيئن ٿا ڏئي سگھون؟

سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاھ فنڪارن جي احتجاج تي رد عمل ۾ ھڪ وڊيو بيان جاري ڪيو، جنھن ۾ ھُن وضاحت ڪئي تہ فنڪارن جي ڀرتين پٺيان ڪھڙا منطق ھئا.
سردار شاھ ٻڌايو تہ اسان فنڪارن جي ڀرتي ان ڪري ڪئي تہ جيئن اسڪولن ۾ ٻارڙا ميوزڪ سکي سگھن، انھن ڀرتين پٺيان ٻِي ڪنھن جماعت جي حمايت يا مخالفت شامل نہ ھئي.
ميوزڪ ٽيچرز جي احتجاج ۽ جوائننگ آرڊر نہ ملڻ واري مامري تي سردار شاھ چيو تہ عدالت ڀرتيون رد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو، اسان وٽ ھاڻي 2 آپشن بچيا آھن، يا تہ نيون ڀرتيون ڪيون، يا ميوزڪ ٽيچرز اِن فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃن.
سردار شاھ پنھنجي نالي جو ڀرم رکي ھا

ڪلاسيڪل راڳي استاد اختيار علي خشڪ ميوزڪ ٽيچرز جي ڪيمپس تي موجود ھو، جنھن فنڪارن جي مطالبن جي ڳالھ ڪندي روئي ڏنو، سندس چوڻ ھو تہ ڏک اِن ڳالھ جو آھي تہ” سردار شاھ پاڻ اچي ھا، فنڪارن کي سمجھائي ھا“ پر اُن ائين نہ ڪيو، ھُن ميار ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو شعر پڙھيو تہ” سردار شاھ پنھنجي نالي“ جو ڀرم رکي ھا.
ڪيمپ تي موجود ٻين فنڪارن چيو تہ دنيا سنڌ کي صوفي ازم جي ڪري سڃاڻي ٿي، يڪتارا، چپڙي، تنبورو اسان جي سڃاڻپ آھن، حڪومت فنڪارن کي ڀرتي ڪيو ھو تہ مسئلو بہ حل ڪري ھا، فنڪارن سان جيڪو ڪجھ ٿئي پيو، اِئين نہ ٿيڻ کپي ھا.