ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن خلاف پوليس ڪارروائي دوران قلندريه چوڪ ڀرسان شاهراهه نورجهان تي مقابلي ۾ ٻه مبينا ڦورو مارجي ويا آهن.
ايس ايس پي سينٽرل ڊاڪٽر عمران خان موجب، مارجي ويل جوابدار شهرين کان ڦر ڪري رهيا هئا. هڪ شهري جي نشاندهي تي پوليس ڪارروائي ڪئي ۽ جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي هنن مبينا طور پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.
پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن وٽان ٻه پستول، پنج موبائل فون ۽ سي ڊي 125 موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب، مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ هٿ آيل موبائل فونن توڙي موٽرسائيڪل جي جاچ جاري آهي.