ڪراچي ۾ فيڪٽري کي باھ، 5 ماڙ عمارت پٽ پڌر، 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا

فہرستِ مضامین

ڪراچي (رپورٽ: شھنشاھ چارڻ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اندر ھڪ گارمينٽس فيڪٽري کي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 ماڙ عمارت ڊھي پٽ پئجي وئي، باھ ۾ 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.

فيڪٽري کي لڳل باھ ويجھو واري ٻھ ماڙ عمارت جي مٿئين ماڙ کي بھ پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، باھ پکڙجڻ جي خدشي سبب ڀر واري عمارت کي خالي ڪرايو ويو.

گارمينٽس فيڪٽري کي باھ لڳڻ جي ڪجھھ دير بعد پنج ماڙ عمارت جو پھرين ڪجھھ حصو ڪري پيو، جنھن بعد سموري عمارت ڊھي پٽ پئجي وئي. باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.

باھ لڳڻ وقت فيڪٽري ۾ عورتن سميت ملازمن جو وڏو انگ موجود ھو، عورتن سميت ملازمن کي ھنگامي نيڪالي واري گيٽ ۽ عمارت سان لڳندڙ ھڪ کنڀي جي مدد سان ٻاھر ڪڍيو ويو.

فائر برگيڊ جي اختيارين ٻڌايو تھ 16 فائر ٽينڊرز ۽ 2 بائولرز جي مدد سان عمارت کي لڳل باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عمارت جي ڪرڻ کان اڳ وقفي وقفي سان ڌماڪن جا آواز بھ ايندا رھيا.

فيڪٽري کي لڳل باھ ڀر واري عمارت کي به لپيٽ ۾ آندو

فائر برگيڊ جي اختيارين پاران باھ کي ٽئين درجي جي باھ قرار ڏنو ويو آھي، باھ فيڪٽري جي عمارت کانپوءِ ڀر واري ٻھ ماڙ عمارت جي مٿئين ماڙ کي بھ پنھنجي لپيٽ ۾ آندو، ڀر واري عمارت کي بھ خالي ڪرايو ويو.

چيئرمين ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اي ڊي خواجا ٻڌايو تھ متاثر فيڪٽري ۾ پراڻي ڪپڙي جي ري سائيڪلنگ جو ڪم ٿيندو آھي، باھ لڳڻ جو اطلاع صبح ساڍي ڏھين وڳي مليو.

باھ جو اطلاع ملڻ تي شروع ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جا فائر ٽينڊرز گھرايا ويا، پر بعد ۾ باھ جي شدت کي ڏسندي شھر مان فائر برگيڊ جا ٻيا فائر ٽينڊرز ۽ بائولرز بھ گھرايا ويا.

ھن چيو تھ ڪمشنر ڪراچي ۽ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جي سربراھ سان ڳالھھ ٻولھھ ٿي آھي، ڪوشش پيا ڪيون تھ فيڪٽري کي لڳل باھ وسائي وڃي تھ جيئن ڀر واري ٻي فيڪٽري کي بچائي سگھجي.

وڏي وزير پاران ڪمشنر کي انڪوائري جو حڪم

وڏي وزير مراد علي شاھ لانڍي پروسيسنگ زون جي فيڪٽري ۾ لڳل باھ جو نوٽيس ورتو.
مراد علي شاھ فائربرگيڊ ۽ ريسڪيو ادارن کي فوري قدم کڻڻ جي ھدايت ڪندي چيو تھ پھرين ترجيح طور قيمتي انسانيون جانيون محفوظ بڻائڻ لاءِ فوري ۽ ھنگامي قدم کنيا وڃن.

وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي واقعي جي مڪمل انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيو تھ فيڪٽري مالڪن ۽ مزدورن جي ڏکي گھڙي ۾ گھربل ھر قسم جي مدد ڪئي وڃي.

وڏي وزير کي باھ لڳڻ واري واقعي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو تھ باھ لڳڻ وقت فيڪٽري ۾ وڏي انگ ۾ ملازم موجود ھئا، ريسڪيو اختيارين سمورن ماڻھن کي محفوظ انداز ۾ ٻاھر ڪڍي ورتو، وڏي وزير ريسڪيو عملي جي واکاڻ ڪئي.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ باھ لڳڻ سبب متاثر ٿيل گارمينٽ فيڪٽري جي پنج ماڙ عمارت ڊھي پئي، عمارت ڪرڻ سبب ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، وڏي وزير زخمي شخص جو فوري علاج ڪرائڻ جون ھدايتون ڏنيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں