مقتولا ناري جوابدار سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوڙي کي هڪ نياڻي به آهي، پاڙيسري ٻڌائين ٿا ته جوابدار مقتولا زال ۽ ڌيءَ کي گهر ۾ بند ڪري ويندو هو.
ڊبليو ٽي اين سنڌي/ڪراچي
ڪراچي پوليس موجب خميس ۽ جمعي جي رات سولجر بازار واري علائقي ۾ عورت جو گهر مان ڳلو ڪپيل حالت ۾ لاش مليو هو، شروعاتي جاچ ۾ مقتولا جي مڙس ۽ پاڙيسرين جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا هئا.
جاچ آفيسر ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو ته مقتولا ڪلثوم جي واقعي جو ڊراپ سين ٿيو آھي، قتل ۾ عورت جي مڙس جي ملوث ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آھي
پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار خانگي ٽي وي چئنل جو ڪئمرامين آھي، جنھن جاچ دوران عورت کي خنجر جا وار ڪري مارڻ جو اعتراف ڪيو آھي.
پوليس موجب جوابدار اعترافي بيان ۾ ٻڌايو ته جمعي ڏھاڙي هُن ڌيءُ ۽ زال کي ننڊ جي دوا کارائڻ بعد زال تي خنجر جا وار ڪيا، واقعي بعد دروازو کليل ڇڏي ڊيوٽي تي ھليو ويو ھو.
مقتولا جوابدار سان پيار پرڻو ڪيو هو
جاچ آفيسر موجب مقتولا عورت ڪلثوم جو لاش ملڻ بعد شڪ جي بنياد تي مقتولا جي مڙس کي گرفتار ڪيو ھو، پوليس ٻڌايو ته جاچ دوران جوابدار پنھنجي گھرواريءَ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو
پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران ٻڌايو ھن گھرواريءَ کي گھرو اڻبڻت تان قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آھي، جوابدار جي اعتراف بعد عورت جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ ھو ته قتل ٿيل عورت جوابدارقمر الدين عابدي سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو، جنھن مان کيس ھڪ ڌيءَ جو اولاد پڻ آھي، پر ڪيتري ئي عرصي کان عورت جو مڙس سان جھيڙو ھلندڙ ھو، پوليس موجب کين پاڙيسرين ٻڌايو ته جوابدار پنھنجي زال تي تشدد ڪندو رھندو ھو.
جوابدار خانگي ٽي وي جو ڪئمرامين آھي: پوليس
پوليس موجب گھرواريءَ کي قتل ڪندڙ جوابدار قمر الدين عابدي خانگي ٽي وي تي ڪئمرامين طور ڪم ڪندو ھو، ھن گھرواريءَ کي قتل ڪرڻ کان اڳ گھرڀاتين کي نشي واريون گوريون کارايون، قمر الدين پنھنجي زال کي قتل ڪرڻ بعد معمول موجب آفيس لاءِ روانو ٿي ويو ته جئين ڪنھن کي به مٿس شڪ نه ٿئي.
ڪيس جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار آفيس وڃڻ وقت گھرواريءَ ۽ ڌيءَ کي گھر ۾ بند ڪري ويندو ھو، جوابدار گھرواريءَ ۽ ڌيءَ کي گھر ۾بند ڪرڻ واري عمل کي روز جو معمول بڻائي ڇڏيو ھو پر قتل واري رات جوابدار گھر جو دروازو کولي ھليو ويو ھو، صبح جو جڏھن معصوم ٻارڙي ننڊ مان اٿي تي ھن پنھنجي امڙ کي رتورت حالت ۾ ڏسي دانھون ڪرڻ شروع ڪيون، پوليس ٻڌايو ته جوابدار کي شڪ ھو ته سندس گھرواريءَ جا ڪنھن ٻئي سان لاڳاپا آھن، جنھن سبب ھو مٿس تشدد ڪندو رھندو ھو
عورت جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي ٻڌايو ته ھن کي پنھنجي ڀيڻ ٻڌايو ھو ته جوابدار کيس خرچ نه ڏيندو آھي ۽ نشو به ڪندو هو، گھر جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ڪلثوم ڪپڙن جي سلائي ڪندي ھئي، جيڪي پيسا ايندا ھئا، اھي به جوابدار کڻي ويندو ھو.