ڪراچي ۾ گذريل ڏينھن تيز ھوا سان گڏ برسات سبب مختلف علائقن ۾ گھرن جون ڇتيون، ڀتيون ۽ ڇپرا ڪرڻ توڙي سائن بورڊ ڪرڻ سبب 20 کان وڌيڪ شھري اجل جو شڪار ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن.
ملير ۾ ٽن ورھين جي نينگري فوت ٿي وئي، مجيد ڪالوني ۾ زال مڙس اجل جو شڪار ٿيا، ڪورنگي، اورنگي، ابراھيم حيدري ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ حادثا رپورٽ ٿيا.
ڪراچي جو انفرا اسٽرڪچر بھتر بڻائڻ اولين ترجيح آھي: مراد علي شاھ
ڪراچي ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ھنگامي اجلاس ٿيو آھي، شھرين کي رليف ڏيڻ ۽ ريسڪيو آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، مراد علي شاھ چيو آھي تہ ڪراچي جو انفرا اسٽرڪچر بھتر بڻائڻ سندن اولين ترجيح آھي.
سي ايم ھائوس ڪراچي ۾ مراد علي شاه جي صدارت هيٺ ڪراچي لاءِ پاڻي فراهمي وارن منصوبن جي اڳڀرائي بابت اجلاس ٿيو، جنھن ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاه ۽ ڄام خان شورو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وزيراعليٰ سنڌ ڪراچي جي اهم ۽ وڏن پاڻي وارن انفراسٽرڪچر منصوبن تي ڪم تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔
مراد علي شاھ واٽر سپلاءِ پراجيڪٽ ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پراجيڪٽ وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي پاڻي واري نظام جي بهتري صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ وڌندڙ آبادي لاءِ جديد ۽ اثرائتو واٽر سپلاءِ سسٽم ضروري آهي۔
وزيراعليٰ اميد ظاهر ڪئي ته سمورا جاري منصوبا وقت سر ۽ اعليٰ معيار موجب مڪمل ٿيندا۔
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن طرفان هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ذريعي شهري بل ادا ڪرڻ، شڪايتون داخل ڪرڻ ۽ واٽر ٽينڪر بڪ ڪرڻ آن لائن ڪري سگهن ٿا۔ هي پليٽ فارم سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ موجود آهي۔
وڏي وزير هدايت ڪئي ته پاڻي ۽ صفائي تائين برابر رسائي منصوبن جو بنيادي مقصد هجڻ گهرجي ۽ هر شهري کي صاف پاڻي ۽ مناسب نيڪالي جي سهولت ملي
گورنر سنڌ نھال ھاشمي متاثرن وٽ پھتو، مدد جو اعلان

گورنر سنڌ نھال ھاشمي ڪراچي ۾ طوفاني برسات سبب اجل جو شڪار ٿيل شھرين جي وارثن وٽ پھتو ۽ تعزيت ڪئي آھي.
ترجمان موجب گورنر سنڌ مجيد ڪالوني پھتو، جتي ھُن گھر جي ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿيل زال مڙس شير ولي ۽ رياست بي بي جي پوئنرن سان تعزيت ڪئي.
گورنر سنڌ حادثي ۾ زخمي ٿيل شھرين سان عيادت ڪئي ۽ مالي مدد ڪئي.
ترجمان موجب گورنر اعلان ڪيو آھي تہ حادثي ۾ فوت ٿيل زال مڙس جا مڙھ اباڻي علائقن ڏانھن منتقل ڪرڻ جو خرچ ھو پاڻ برداشت ڪندو.
ھوڏانھن گورنر سنڌ اين ڊي ايم اي کي ريسڪيو آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي وئي آھي، عوام کي اپيل ڪئي وئي آھي تہ بجلي جي ٿنڀن ۽ زمين تي ڪيل بجلي جي تارن کان پري رھن.
ياد رھي تہ گذريل رات ڪراچي ۾ تيز ھوائن سان برسات سبب مختلف حادثن ۾ 20 کان وڌيڪ شھري اجل جو شڪار ۽ 70 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا آھن.
ايس ايس پي ملير بہ اِن ايڪشن، آفيسرن کي سرگرم رھڻ جي ھدايت

طوفاني برساتن ۾ پوليس شھرين جي ڪھڙي ۽ ڪيئن مدد ڪري سگھي ٿي؟ ايس ايس پي ملير سندرا ٻڌي نڪري پيو، شھرين سان ملاقات، آگاھي ڏيندو رھيو.
ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ طوفاني برسات سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو۔
ايس ايس پي ملير تازين برساتن دوران ضلعي ملير ۾ فوت ٿيل ۽ زخمي ٿيل شھرين جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ حادثن وارن هنڌن جو معائنو ڪري امدادي سرگرمين جي نگراني ڪئي.
ايس ايس پي ملير برسات دوران سُکن ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيل حادثي واري هنڌ جو به دورو ڪيو ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو۔
ايس ايس پي ملير سُکن ٿاڻي جي حدن ۾ برسات سبب ڇت ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ٻارڙي زينت وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو۔
ايس ايس پي ملير مقرر ٿيل آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته شهرين جي هر حال ۾ مدد ڪئي وڃي ۽ امدادي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي۔