ڪراچي ۾ بلاول ھائوس ويجھو سيف سٽي ڪيمرا جو سافٽ ويئر باڪس چوري ڪندڙ ھڪ وڌيڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
پوليس جو چوڻ آھي تہ جوابدار جي نشاندھي تي ڦر ۽ چوري جو سامان خريد ڪندڙ ڪٻاڙي کي بہ گرفتار ڪيو ويو آھي.
پوليس موجب سافٽ ويئر باڪس چوري ڪرڻ ۾ ملوث 3 جوابدار اڳ ئي گرفتار آھن.
پوليس موجب ڪارروائي دوران گرفتار ٿيل جوابدار جي ٽن ساٿين کي بہ حراست ۾ ورتو ويو آھي. 6 نومبر تي جوابدار بلاول ھائوس ويجھو ڪيمرا جو سافٽ ويئر باڪس چوري ڪري ويا ھئا.