ڪراچي: درخشان پوليس موجب ڪراچي ۾ پراڊو گاڏي مان رٽائرڊ آفيسر ۽ عورت جا لاش هٿ آيا آھن.
پوليس موجب درخشان ٿاڻي جي حد سي ويو بلاڪ 28 ۾ پراڊو گاڏي مان عورت ۽ مرد جا لاش مليا آھن.
پوليس موجب مرد جي سڃاڻپ شهباز ملڪ جي نالي سان ٿي، جيڪو سرڪاري اداري جو رٽائرڊ آفيسر هو، عورت جي فوري طور سڃاڻپ نه ٿي سگهي
پوليس موجب ايئن لڳي رهيو آهي ته ٻنهي جو موت گاڏي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي، موت جا اصل ڪارڻ ميڊيڪل رپورٽ بعد معلوم ٿيندا
پوليس رٽائرڊ سرڪاري آفيسر ۽ عورت جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آھن.