ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو غزا مارچ: حافظ نعيم جو پاڪستان ۾ حماس جي آفيس کولڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پاڪستان ۾ حماس جي آفيس کولڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي.

ڪراچي ۾  شاھراھ فيصل تي غزا مارچ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو تہ “حماس”  امن جي مٿي جو تاج آھي پر حڪمران حماس جو نالو کڻندي پريشان ٿين ٿا.

حافظ نعيم الرحمان مطالبو ڪيو تہ پاڪستان ۾ حماس جي آفيس کولي وڃي.

حافظ نعيم چيو تہ غزا جا ماڻھو ھر ڏينھن قربانيون ڏئي رھيا آھن، غزا جا ماڻھو مزاحمت جي علامت آھن، ھن وقت تائين 67 ھزار فلسطيني شھيد ٿي چڪا آھن جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں