ڪراچي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍڻ تان 400 ڄڻن تي دھشتگردي تحت ڪيس داخل

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ سنڌي ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي ريلي دوران ٿيل چڪرين واري معاملي جو 400 ڄڻن تي دھشتگردي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

آچر تي ريلي ۾ کي ريڊ زون طرف وڃڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس پاران شاھراھ فيصل ايف ٽي سي وٽ شيلنگ ڪئي  وئي ۽ 45 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن مان 12 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو

پوليس دعويٰ ڪئي آھي تہ ريلي ۾ شريڪ ماڻھن اھلڪارن تي حملو ڪيو ھو، جنھن جي جواب ۾ پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي.

ايف آءِ آر موجب موقعي تي گرفتار ڪيل 12 ڄڻن سميت 300 کان 400 اڻڄاتل ماڻھن مٿان داخل ڪيو ويو، ڪيس پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم147، 148، 149، 341، 144، 324 (قتل جي ڪوشش)، 186، 353، 427 ۽ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ  قلم 7 تحت داخل ڪيو ويو۔

فريادي انسپيڪٽر عبدالمجيد ابڙو چيو تہ ھو ٻين پوليس اھلڪارن سان گڏ ايف ٽي سي فلائي اوور ويجھو موجود ھو، ھڪ ريلي آئي جنھن ۾ تقريبن 300 کان 400 ڄڻا موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين ۾ سوار ھئا، جيڪي صدر طرف وڃي رھيا ھئا.

فريادي ڄاڻايو تہ قلم 144 لاڳو ھجڻ ڪري اجتماعن تي پابندي کي نظر ۾ رکندي پوليس اھلڪارن ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تہ شرڪت ڪندڙن ٻنھي طرفن کان مرڪزي شاھراھ بلاڪ ڪري ڇڏي، پوليس تي پٿراءُ  ڪيو ۽ فائرنگ بہ ڪئي.

انسپيڪٽر عبدالمجيد ابڙو ڄاڻايو تہ ريلي ۾ شريڪ ماڻھن گذرندڙ گاڏين، ريسڪيو ايمبولينس ۽ پوليس موبائل کي نقصان پھچايو ۽ رياست خلاف نعريبازي ڪئي، اھلڪارن ريلي ۾ شريڪ ماڻھن پاران ملڪيتن کي نقصان پھچائڻ کان روڪڻ لاءِ شيلنگ ڪئ.

سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ ملوث ماڻھن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو .

انھي حوالي سان ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ٻڌايو تہ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ريلي ۾ شريڪ ماڻھن کي چيو تہ ھو صدر ۽ پوءِ اتان کان ڪراچي پريس ڪلب ۾ جاري تقريب ۾ لائنز ايريا واري رستي سان وڃن، پر ھو شاھراھ فيصل استعمال ڪرڻ تي اٽڪيل ھئا.

ڊي آءِ جي موجب ريلي ۾ شريڪ ماڻھن روڪڻ تي مبينا طور پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنھن سان 5 اھلڪار زخمي ٿيا ۽ ان نتيجي ۾ پوليس ماڻھن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو.

ايف ٽي سي فلائي اوور وٽان روڊ بلاڪ ڪرڻ بابت سوال تي ڊي آءِ جي چيو تہ ثقافتي ڏينھن جي حوالي سان ھڪ ھدايت جاري ڪئي وئي ھئي، اميد هئي تہ ایف ٽي سي تي ڪيترائي ريليون ۽ ثقافتي جلوس گڏ ٿيندا ۽ اهي شاھراھ فيصل جي رستي پي سي ڏانهن وڃڻ چاهيندا۔

عدالت پاران رمانڊ ڏيڻ کان انڪار

جڏھن تہ پوليس پاران ثقافتي ريلي دوران ڀڃ ڊاھ ۽ ملڪيتن کي نقصان پھچائڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيل 12 نوجوانن کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو تہ عدالت پوليس تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڪيس مان دھشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا ۽ جسماني رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪندي کين ٻي عدالت پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.

عدالت ۾ پيش ڪيلن ۾ شھروز، سلمان، شمن علي، ارشاد، زبير احمد، علي محمد، عبيد اللھ، ذوالفقار علي، ساجد حسين، اويس ۽ اطھر علي شامل ھئا.

ٻڌڻي دوران دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج پوليس سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا تہ پوليس کي ڪو شرم ناھي، پاڪستان بچائي آيا آھيو يا ٽوڙائي آيا آھيو؟

جج رمارڪس ڏنا تہ سنڌي ٽوپي اجرڪ جو ڏھاڙو ھو، پوليس کي اھو رمانڊ پيپر تي لکندي شرم ٿو اچي؟  قلم 144 جي ڀڃڪڙي دھشتگردي ڪئين بڻجي وئي ؟

جنھن تي جاچ آفيسر چيو تہ قلم مون ناھن لڳايا اھي فريادي لڳايا آھن، جج رمارڪس ڏنا تہ جنھن قلم لڳايا آھن اھو بہ جاھل آھي ۽ جيڪو ھتي کين کڻي آيو آھي اھو بہ جاھل آھي.

پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو تہ ريڊ زون ۾ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پھچايو ويو، عدالت چيو تہ ھي ريلي ھر سال نڪرندي آھي ايئرپورٽ ڪراس ڪرڻ کانپوءِ ڇا ٿيو؟ جنھن تي پراسڪيوٽر ٻڌايو تہ رياست خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

جج رماڪرس ڏنا تہ ڪٿي آھن نعرا رڳو زباني ڳالھيون نہ ڪيو، پرامن ريلي ۾ نوجوانن کي گرفتار ڪري جعلي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي.

اي ٽي سي جج رمارڪس ڏنا تہ جاچ آفيسر دھشتگردي بابت عدالت کي مطمئن نہ ڪري سگھيو آھي، نہ اھو ٻڌائي سگھيو تہ ڪو سنجيدہ نقصان ٿيو آھي.

دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج چيو تہ رمانڊ لاءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ وٽ وڃون، ھي جاچ آفيسر ناھي، ھي ڪٺ پتلي آھي، کيس جيڪو چيو ويندو اھو ئي ڪندو

ياد رھي تہ تہ گذريل ڏينھن 7 ڊسمبر سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو ڏينھن جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو، ان موقعي تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، انھي حوالي سان ڪراچي ۾مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب ويجھو ٿي، جنھن ۾ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي بهار رھي، شهرن، ڳوٺن، وسندين ۽ واهڻن ۾ سٻاجهڙن سنڌين موھن جي دڙي جي ديس جي ثقافت سان ڀرپور محبت جو اظهار ڪيو

ڪلچر ڊي جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو ويو، اسڪولن ۾ پڻ ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تقريرون، ٽيبلوز پيش ڪري هزارين سان پراڻي ثقافت کي اجاڳر ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں