رپورٽ: شاهنواز شر
ڪراچي جَي علائقي گهگهر ڦاٽڪ ويجھو بلوچستان واسي جوڙي کي معصوم پٽ سوڌو بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوڙي 8 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو ھو، کين غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي.
اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد اسلم بلو موجب واقعو گهگهر ڦاٽڪ لڳ گهر ۾ پيش آيو، جتي زال مڙس ۽ سندن پٽ کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب مقتولن جي سڃاڻپ عبدالمجيد وڌيو، سندس زال سڪينه وڌيو ۽ سندن پٽ عبدالنبي طور ٿي آهي، جن جو تعلق بلوچستان سان آهي.
جوڙي 8 سال اڳ بلوچستان ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي
ڊبليو ٽي اين سان ڳالهائيندي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته جوڙي 8 سال اڳ بلوچستان ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، مقامي وڏيري معاملي جو جرڳو ڪري نوجوان کي ڏوهي قرار ڏنو هو ۽ سڱ چٽي ۾ 2 ناريون ڏيڻ جي فتويٰ بھ ٻڌائي هئي.
پوليس موجب عبدالمجيد ۽ سندس زال پٽ سوڌو ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي ۾ آيا ھئا، جتي ھنن گگهر لڳ ڪرائي جو گهر ورتو ھو، مقتول نوجوان فيڪٽري ۾ ڪم ڪري گهر جو گذر سفر هلائيندو هو.
جوابدار جوڙي کي مارڻ بعد بلوچستان فرار ٿي ويا
پوليس موجب جوابدار جوڙي ۽ سندن معصوم پٽ کي قتل ڪرڻ بعد بلوچستان فرار ٿي ويا آھن.
قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم
سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وڏي وزير حڪم ڏنو آهي ته ڏوهه ۾ ملوث قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.

وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو تھ ڏوھ ۾ جيڪي بھ ماڻھو ملوث آھن انھن درندن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. وڏي وزير واقعي بابت آءِ جي سنڌ کان رپورٽ بھ طلب ڪري ورتي آھي.
ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي جوڙي جي قتل جو هيءُ ٻيو واقعو آهي
هلندڙ هفتي ڪراچي ۾ غيرت جي نالي تي جوڙي جي قتل جو هيءُ ٻيو واقعو آهي، اِن کان اڳ ڪراچي ڪلفٽن ۾ چائنه پورٽ ويجھو گوجرانوالا واسي جوڙي ثناءَ ۽ ساجد کي قتل ڪيو ويو هو.
گوجرانوالا واسي ساجد مسيح ڪراچي ۾ اسلام قبول ڪرڻ بعد ثنا آصف سان نڪاح ڪيو ھو، اسلام قبول ڪرڻ بعد ساجد مسيح جو نالو ساجد ئي رکيو ويو ھو.
ساجد ۽ ثنا جا گوليون لڳل لاش چائنا پورٽ ويجھو ھٿ آيا ھئا، گوجرانوالا پوليس ٻٽي قتل ڪيس ۾ مقتولھ ثنا جي ڀاءُ وقاص کي گرفتار ڪري چڪي آھي.