ڪراچي ۾ برسات بعد حادثا، 8 شهري فوت: 3 ماڙ عمارت ڊهي پٽ: اڄ وري تيز وسڪاري جي اڳڪٿي

فہرستِ مضامین

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪالھوڪي وسڪاري کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن ۽ روڊ رستن تان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي، جڏهن ته مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن.

پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد موجب برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿيا آهن، اِهي واقعا ڀتيون ڪرڻ، ڪرنٽ لڳڻ ۽ گٽر نالن ۾ ڪرڻ سبب پيش آيا آهن.

رنڇوڙ لائين واري علائقي ۾ خالي پيل ٽي ماڙ عمارت ڊهي پٽ پوڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي موجب بلڊنگ خالي هئي، زخمي ٿيل شهري زال مڙس آهن، جيڪي نشي جا عادي هئا.

شاھراھ فيصل تي ٽاور، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ايف ٽي سي، پي اي ايف ميوزم ۽ ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي موجود آھي، يونيورسٽي روڊ تي صفورا واري علائقي مان برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم اڃا مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.

ڪراچي جي ريڊ زون، شاهين ڪمپليڪس، آرٽس ڪائونسل جي ايم آر ڪياني روڊ، ضياءُ الدين احمد روڊ تان بھ پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنھن ڪري ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد روڊ جو هڪ ٽريڪ ڪالهه کان ٽريفڪ لاءِ بند آهي.

ڊرگ روڊ ۽ ناظم آباد انڊر پاس به اڃا تائين بند آهن، گورنر هائوس جو ايوان صدر روڊ به پوليس لائن تائين پاڻي سان ڀريل آهي، کارادر، ايم اي جناح روڊ، بولٽن مارڪيٽ جي چوڌاري ۽ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ۾ به اڃا تائين پاڻي بيٺل آھي.

عيسيٰ نگري جي ويجهو روڊ تي اڃا تائين گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي، گذريل رات بند ٿي ويل گاڏيون به روڊ جي ڪناري بيٺل آهن.

رنڇوڙ لائين واري علائقي ۾ هڪ پراڻي خالي عمارت جو ھڪ حصو ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينھن شھر جي مکيھ شاھراھن تي برساتي پاڻي بيھجي وڃڻ سبب شھري رات دير تائين پنھنجين گاڏين سوڌو ڦاٿل رھيا، ڪيترائي ماڻھو پنھنجيون بند ٿي ويل گاڏيون رستن تي ڇڏي نڪري ويا.

فوج ۽ رينجرز اهلڪارن خراب گاڏين کي ڌڪو ڏنو

پاڪستان آرمي ۽ سنڌ رينجرز جا اهلڪار ڪالهه ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اهم شاهراهن تي شهرين جي مدد لاءِ موجود نظر آيا، ترجمان موجب پاڪستان آرمي ۽ سنڌ رينجرز جا اهلڪار رات دير تائين ٽرئفڪ بحال ڪرڻ ۾ مصروف رھيا، اهلڪارن خراب ٿيل گاڏين کي هٽايو ۽ ميڪينڪل ٽيم سان گڏ انهن جي مرمت به ڪئي.

برسات کي بند ٿئي ڪيترائي ڪلاڪ ٿي چڪا آھن پر ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بحال نه ٿي سگھي آھي.

گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال جا ڪيترائي بلاڪ، ڪورنگي، محمود آباد، منظور ڪالوني، ڊفينس ويو، ملير عالمگير سوسائٽي ۽ ٻيا علائقا ڪالهه کان بجلي کان محروم آهن.

اڄ به ڪراچي ۾ تيز برسات پوندي: موسميات کاتو

موسميات کاتي موجب اڄ به ڪراچي ۾ منجھند 2 وڳي کانپوءِ تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جا امڪان آھن، عربي سمنڊ جي اتر علائقي مٿان مون سون جا 2 سسٽم موجود ھئڻ سبب ڪراچي ۾ وڌيڪ برساتون پئجي سگھن ٿيون.

موسميات کاتي موجب مون سون جي ان سسٽم جي ڪري ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ ھيٺاھين سنڌ جي علائقن ۾ گجگوڙ سان ڪڪر ٺھڻ جو سلسلو جاري رھندو ۽ ڪراچي ۾ اڄ بھ تيز وسڪارن جا امڪان آھن.

موسميات کاتي موجب برساتن جو اھو سلسلو 2 کان 3 ڏينھن جاري رھي سگھي ٿو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير جو چوڻ آھي تھ ڪراچي ۾ اڄ منجھند کان شروع ٿيندڙ برسات جو سلسلو رات 7 وڳي تائين جاري رھي سگھي ٿو.

موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ برساتن جو اھو سلسلو 23 آگسٽ تائين جاري رھڻ جا امڪان آھي.

ٽريفڪ سست رفتار، شهرين لاءِ الرٽ جاري

ڪراچي جي ٽريفڪ پوليس پاران مختلف روڊ رستن تي برساتي پاڻي بيٺل ھئڻ سبب شھرين لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آھي، الرٽ ۾ شھرين کي پاڻيءَ ھيٺ آيل رستا استعمال نھ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.

ٽريفڪ پوليس موجب گرو مندر جھانگير روڊ ۽ ڀر پاسي برساتي پاڻي بيھجي وڃڻ ۽ روڊ رستن تي کڏا پوڻ سبب ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويو آھي، جنھن ڪري ٽريفڪ سست رفتاري سان ھلي رھي آھي.

ٽريفڪ پوليس موجب اوڀر ضلعي ۾ شھيد ملت روڊ جو انڊر پاس برساتي پاڻي جمع ٿيڻ سبب ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آھي، ٽريفڪ کي انڊرپاس جي مٿان متبادل رستي تان گذاريو پيو وڃي.

سينٽرل ضلعي ۾ ناظم آباد نمبر ون انڊر پاس، ناطم آباد نمبر ٽو انڊر پاس ۽ لياقت آباد انڊر پاس کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آھي، ناظم آباد انڊر باءِ پاس پاسي حبيب بينڪ ۽ حبيب بينڪ جي پاسي لياقت آباد جي مين حڪيم ابن سينا روڊ کي به بند ڪيو ويو آھي.

انھن سمورن رستن جي ٽريفڪ کي مٿان کان متبادل رستي ذريعي ھلايو پيو وڃي.

ٽريفڪ پوليس موجب ملير ضلعي ۾ سھراب ڳوٺ انڊر پاس ۽ متبادل رستي شفيق موڙ جي ٽريفڪ کي متبادل رستي مٿان کان اماڻيو پيو وڃي.

ڪورنگي ۽ ڪاز وي ندي ۾ چاڙھ سبب ڪورنگي ڪراسنگ ندي، قيوم آباد ڏانھن ڪورنگي ڪراسنگ ايندڙ ويندڙ ٻئي روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آھن.

انھن علائقن جي ٽريفڪ کي متبادل رستي طور قيوم آباد چورنگي کان بلوچ ڪالوني ڏانھن ۽ سي اين جي ڪٽ کان گودام چورنگي ڏانھن اماڻيو پيو وڃي.

 ٽريفڪ پوليس پاران شھرين کي اپيل ڪئي وئي آھي ته ھو متبادل رستن جي چونڊ لاءِ ٽريفڪ ھيلپ لائين ون نائين ون فائيو تي رابطو ڪن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں