موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي آھي.
موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ سنڌ ۾ جاري برساتن جو سسٽم ڊيپ ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويو آھي، اڄ اھو سسٽم ڪراچي شھر ڀرسان گذرندو، جنھن سبب 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات وسي سگھي ٿي.
موسميات کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ اڄ گجگوڙ سان گڏ برسات ۽ شھري ٻوڏ جو بھ خدشو آھي.
برسات سبب امتحان ملتوي
ڪراچي ۾ تيز برسات سبب جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ اڄ رٿيل امتحان ملتوي ڪيا ويا آھن، يونيورسٽي ۾ ورڪ فرام ھوم پاليسي بہ لاڳو ڪئي وئي آھي، وائيس چانسلر جو چوڻ آھي تہ اڄ سمورا ڪلاسز آن لائن ھلندا.
ڪراچي ۾ ٻن ڏينھن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آھي، جنھن سبب سڄو سال سوڪھڙي جو شڪار ملير ندي بھ تار وھڻ لڳي آھي.