ڪراچي ۾ ايِ چالان خلاف درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کان جواب طلب

فہرستِ مضامین

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين تي ايِ-چالان خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 25 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو۔

درخواست ۾ چيو ويو آهي تہ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي لڳايل ڏنڊ تمام وڌيڪ ۽ غير منصفاڻا آهن، جتي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ جنهن ڀڃڪڙي تي 200 رپيا ڏنڊ آهي ۽ ڪراچي  ۾ ساڳئي ڀڃڪڙي تي 5 هزار رپيا ڏنڊ آهي۔

عدالت ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي تہ نئون ٽريفڪ قانون صوبي جي ٻين وڏن شھرن ۾ لاڳو ناھي ڪيو ويو،  هدايت ڪئي وڃي تہ لاڳاپيل اختياريون عدالت کي انهن ڏنڊن جي منصفاڻي هجڻ بابت قائل ڪن، ۽ لڳايل ڏنڊن جو عمل فوري طور معطل ڪيو وڃي۔

درخواست ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل نادرا کي پڻ ڌر بڻايو ويو ۔

عدالت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 25 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں