ڪراچي ۾ ايندڙ ھفتي ڊبل ڊيڪر بسون ۽ نيون اي وي بسون ھلائڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

ڪراچي : سنڌ سرڪار سنڌ ڪراچي ۾ ايندڙ ھفتي کان ڊبل ڊيڪر بسون ۽ نيون اي وي بسون روڊن تي آڻڻ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.

سينئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او فواد غفار سومرو، يلو لائين بي آر ٽي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي شرڪت ڪئي.

 اجلاس ۾ يلو لائن ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي ترقياتي ڪمن بابت سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي بريفنگ ڏني وئي. گڏوگڏ شھر ۾ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ پنڪ اسڪوٽيزاسڪيم جي ٻئي مرحلي بابت بھ کيس آگاھي ڏني وئي. 

اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اميد آھي تھ ڊبل ڊيڪر بسون ۽ وڌيڪ اي وي بسون ايندڙ ھفتي ڪراچي پھچي وينديون، ۽ اُنھن جا نوان روٽس بھ شروع ڪيا پيا وڃن.

ھن چيو تہ سنڌ سرڪار ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ ھلندڙ مالي سال دوران 500 وڌيڪ بسون خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

ھن چيو تہ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ بہ جلد پيپلز بس سروس جا نوان روٽ شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون.

شرجيل ميمڻ اختيارين کي ھدايت ڪئي تہ نون روٽس جي لاءِ آپريشنل تياريون مڪمل ڪيون وڃن ۽ سمورن ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرز ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اسڪوٽيز ھلائڻ جي تربيت جو سلسلو شروع ڪيو وڃي.

سينئر وزير يلو لائن بي آر ٽي جي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ ڊيپوز جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ ۽ يوٽيلٽيز جي وقت سر منتقلي جون بہ ھدايتون ڏنيون تھ جيئن رٿا تي ڪم جي رفتار متاثر نہ ٿئي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ تاج حيدر پُل جي ٻئي حصي جو ڪم جلد شروع ٿيندو ۽ پُل  جي نئين تيار ٿيل حصي تي بہ  ٽريفڪ شروع ڪئي وئي آھي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں