ڪراچي ۾ اربين رپين جا منصوبا جاري آھن، اسان جو ڪم ڳالھائيندو آھي: شرجيل ميمڻ  

فہرستِ مضامین

ڪراچي : سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آھي تہ ڪراچي ۾ اربين جا منصوبا جاري آھن ۽ اسان جو ڪم ڳالھائيندو آھي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي جي بيان تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو تہ سموري ملڪ ۾ مڪاني ادارن کي سڀ کان وڌيڪ بااختيار پيپلز پارٽي بڻايو.

هن چيو تہ پنجاب جي مثال ڏني پئي وڃي، جتي اڃا تائين مڪاني چونڊون ناهن ٿيون، جيڪڏھن ايم ڪيو ايم وڌيڪ شور مچائي ٿي تہ پوءِ لاهور جو نظام ڪراچي ۾ آڻڻ لاءِ تيار آھيون.

شرجيل ميمن چيو تہ ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ اسان جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، سياسي روين ڪراچي جي هم آهنگي ۽ سماجي ترقي کي نقصان پهچايو آهي، ڪراچي ۾ اربين رپين جا منصوبا جاري آهن، پر ايم ڪيو ايم انهن ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ سرگرم آهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں