سي پي ايل سي ذريعن موجب فوت ٿيل 12 ڄڻن جي سڃاڻپ اينٽي موٽم ڊيٽا ۽ گل پلازہ ۾ پروف آف پريزنس سان ڪئي وئي
سي پي ايل سي ذريعن ٻڌايو آھي تہ نارٿ ناظم کان شاپنگ لاءِ آيل خاندان جي ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي، اينٽي موٽم ڊيٽا سان عمر نبيل، ان جي گھرواري ڊاڪٽر عائشڳ ۽ پٽ علي جي باقيات جي سڃاڻپ ٿي.
ان کانسواءِ اينٽي موٽم ڊيٽا سان حضر علي، حيدر علي، عامر علي، ابوبڪر، ياسين، صداقت اللھ، يوسف خان، نعمت اللھ ۽ عبداللھ جي سڃاڻپ ٿي آھي.
سي پي ايل سي ذريعن ٻڌايو آحي تہ سڃاڻپ بعد فوت ٿيل 12 ڄڻن جون باقيات وارثن حوالي ڪيون ويون آھن
ذريعن موجب گل پلازہ سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻھن مان ھيل تائين 39 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آھي، 20 ڄڻن جي سڃاڻپ ڊي اين اي، 6 جي منھن سان ۽ ھڪ جي سڃاڻ ڪارڊ ذريعي ڪئي وئي، جڏھن تہ سانحي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 79 ٿي ويو آھي……..