ڪراچي: گل پلازا ۾ لڳل باهه واري واقعي بابت قائم ڪيل جوڊيشل ڪميشن پنهنجي جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي.
ڪميشن اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي حتمي رپورٽ 7 اپريل تائين سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيندا ان ڏس ۾ ڪميشن سيڪريٽري قانون کي 7 اپريل تي طلب ڪيو آهي ۽ کيس باقاعده نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته هي انڪوائري ڪميشن سنڌ ٽربيونلز آف انڪوائري آرڊيننس 1969 جي سيڪشن 3 تحت 10 فيبروري 2026ع جي گزيٽ نوٽيفڪيشن ذريعي قائم ڪيو ويو هو.
ڪميشن جو بنيادي مقصد گل پلازا ۾ لڳل باهه جي سببن ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ هو.
ڪميشن کي پنهنجي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ اٺ هفتن جو وقت ڏنو ويو هو.
ڪميشن موجب رپورٽ ۽ سمورو رڪارڊ سيل ٿيل حالت ۾ سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويندو.
رپورٽ کي عوام آڏو آڻڻ يا نه آڻڻ جو حتمي فيصلو سنڌ حڪومت ڪندي.